Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

براءِ نيڪي جي دعوت، مدني تربيتي ڪورس، فرض عُلُوم ڪورس، مَدَني چينل ۽ درسِ فيضانِ سُنَّت وغيره جي ذريعي خُوب ڪوشش ڪري رهي آهي۔ ان جي علاوه مدني منن ۽ مدني منين کي دِيني ۽ دُنياوي تعليم سيکارڻ جي لاءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ دارالمدينه به قائم ڪيا ويا آهن، جنهن ۾ پڙھندڙ مدني مُنّا ۽ مدني مُنّيون نه صرف باوقار مُسلمان بڻجي سگھندا، بلڪ بهترين تعليم حاصل ڪري خُودڪفيل ٿي مُعاشري ۾ نُمايان مقام به حاصل ڪندا۔ تنهنڪري اسان پاڻ به دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهون ۽ پنهنجن ٻارن جي اِصلاح ۽ مدني تَربِيت جي لاءِ انهن کي جامعة المدينه، مدرسة المدينه ۽ دارُالمدينه ۾ داخله ڪرايون اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اسان جا ٻار پڻ باعمل بڻجڻ سان گڏوگڏ پنهنجو مستقبل به روشن ڪندا۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

جانورن تي ظلم ڪرڻ به حرام آهي:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! دينِ اسلام جي خوبي آهي ته ان انسانن جي حقن سان گڏوگڏ جانورن جي حقن جو به خيال رکيو آهي۔ جهڙي طرح ڪنهن انسان تي ظلم ۽ زيادتي حرام آهي اهڙي طرح جانورن کي بکايل اڃايل رکڻ، مارڻ وغيره تڪليف پهچائڻ به حرام آهي بلڪ جانورن تي ظلم ڪرڻ انسان تي ظلم ڪرڻ کان وڌيڪ وڏو گناھ آهي ڇوته انسان ته پنهنجو درد تڪليف ڪنهن کي چئي سگھي ٿو، قدرت رکندو هجي ته بدلو به وٺي سگھي ٿو پر بي زبان جانور ڪنهن سان فرياد ڪري؟ افسوس هاءِ افسوس اڄڪلھ جانورن تي جيڪو ظلم ڪيو ويندو آهي ڪنهن کان لڪيل ناهي، ڪڏهن ته انهن بي زبانن کي ٽائم تي پاڻي ۽ چارو ناهي ڏنو ويندو، ته ڪڏهن گرمين جي سخت اُس ۾ يا سياري جي سخت ٿڌين راتين ۾ ائين ئي کليل آسمان هيٺ ٻڌو ويندو آهي، ڪڏهن انهن تي طاقت کان وڌيڪ سامان لڏي وڏي فاصلي تائين زبردستي هڪليو ويندو آهي، منڍي کان آڻڻ جي لاءِ گاڏي تي چڙھائڻ لاهڻ جو