Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

مناسب انتظام ناهي ڪيو ويندو ۽ گاڏي ۾ ريت يا بوهه وغيره ناهي وڌو ويندو جنهن سبب ڪيئي جانور زخمي ٿي ويندا آهن۔ جڏهن ته جانورن تي ظلم ڪرڻ کان نبي ڪريم، روف رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن منع فرمايو آهي: جيئن ته

بارگاھ رسالت ۾ اُٺ جي فرياد!

      هڪ ڀيري حضور نبي ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ انصاري جي باغ ۾ تشريف کڻي ويا اتي هڪ بيٺل اٺ زورزور سان دانهون ڪري رهيو هو۔ جڏهن ان پاڻ کي ڏٺو ته بلبلائڻ لڳو ۽ ان جي ٻنهي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا۔ رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ويجھو وڃي ان جي مٿي ۽ ڪن جي پاپڙي تي پنهنجو شفقت ڀريو هٿ ڦيرايائون ته اهو تسلي ڪندي بلڪل ماٺ ٿي ويو۔ پوءِ پاڻ سڳورنصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ماڻهن کان معلوم ڪيو ته هن اٺ جو مالڪ ڪير آهي؟ ماڻهن هڪ انصاري جو نالو ٻڌايو، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪدم ان کي گھرايو ۽ فرمايائون ته اللہ  پاڪ انهن جانورن کي توهان جي قبضي ۾ ڏيئي انهن کي توهان جو تابعدار بڻايو آهي، تنهنڪري توهان تي لازم آهي ته انهن جانورن تي رحم ڪريو، تنهنجي هن اٺ مون سان تنهنجي شڪايت ڪئي آهي ته تون هن کي بکيو رکين ٿو ۽ ان جي طاقت کان وڌيڪ هن کان ڪم وٺي هن کي تڪليف ڏين ٿو۔ (سنن ابو داود،ڪتاب الجھاد، با ب مايومربه ۔۔الخ ،۳/۳۲،حديث ۲۵۴۹)

ہاں یہیں کرتی ہیں چڑیاں فریاد ہاں یہیں چاہتی ہے ہرنی داد

اِسی در پر شُترانِ ناشاد گلۂ رنج و عَنا کرتے ہیں

(حدائق بخشش،ص۱۱۳)

شعر جي وضاحت: نبي ڪريم، رؤوف رحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاهه ته اها عظيم بارگاهه آهي جتي انسان ته انسان بلڪه جهرڪيون پنهنجي فرياد کڻي اينديون آهن ۽ انهن جي فرياد رسي ڪئي ويندي آهي، هرڻي انصاف جي