Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

طلبگار ٿي حاضر ٿيندي آهي، مراد حاصل ڪري خوش و خرم موٽندي آهي، اهو ئي ته اهو در آهي جتي اُٺ شڪايت کڻي حاضر ٿئي ته ان جي به شڪايت دور ڪئي ويندي آهي .  

      معلوم ٿيو ته جانورن کي بلا وجه تڪليف ڏيڻ انهن کي بکايل اڃايل رکڻ نهايت برو فعل آهي جانورن تي ظلم ڪرڻ وارن کي گھرجي ته سنڀلجي وڃن نه ته بِلاوجه تڪليف ڏيڻ جي سبب ٿي سگھي ٿو انهيءَ جانورن کي عذاب طور اسان تي مُسَلَّط ڪيو وڃي۔ امام احمد بن حجر مڪي شافعيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: انسان ناحق ڪنهن چوپائي کي ماريو يا ان کي بکايل اڃايل رکيو يا ان جي طاقت کان وڌيڪ ڪم ورتو ته قِيامت جي ڏينهن ان کان انهيء مثل بدلو ورتو ويندو جيڪو ان جانور تي ظلم ڪيو يا ان کي بکايل رکيو هوندو۔ (الزواجر عن اقتراف الڪبائر ، ۲/۱۷۴) 

       جيئن ته رَحمت عالَم، نورِ مُجَسَّمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جهنَّم ۾ هڪ عورت کي ان حال ۾ ڏٺو جو اها لٽڪيل آهي ۽ هڪ ٻلي ان جي چهري ۽ سيني کي رهڙي رهي آهي ۽ ان کي اهڙو ئي عذاب ڏئي رهي آهي جيئن ان (عورت) دنيا ۾ قيد ڪري ۽ بکايل رکي ان کي تڪليف ڏني هئي۔

(صحيح البخاري،ڪتاب المساقاۃ،باب فضل سقي الماء،۲/۱۸۵،الحديث:۲۳۶۴مفهوماً )

ڈنک مچھر کا سَہا جاتا نہیں، کیسے میں پھر

قبر میں بچھّو کے ڈنک آہ سہوں گا یاربّ!

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حديثِ پاڪ ۾ انهن ماڻهن جي لاءِ عبرت آهي جيڪو بنا سبب جي جانورن کي مارين ٿا، ائين نه ٿئي جو جانورن تي اهو ظلم اسان کي جهنم جي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏي۔ هن مان انهن ماڻهن کي عبرت حاصل ڪرڻ گھرجي جيڪو گڏه گاڏي، ڏاند گاڏي،اٺ گاڏي هلائن ٿا ۽ انهن جانورن جي طاقت کان وڌيڪ انهن تي وزن رکن ٿا، ڪڏهن ته