Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

سامان وڌيڪ هئڻ جي ڪري ويچارو جانور مٿي ٿي ويندو آهي ان تي افسوس ڪرڻ جي بدران ماڻهو تفريح وٺن ٿا ۽ فني ڪلپ جي طور تي ان جي ويڊيو بڻائڻ شروع ڪن ٿا۔ اهڙي طرح جيڪي ماڻهو مڇي جو شڪار ڪن ٿا اهي زندهه سانپي (Earthworms) جا ٽڪرا ڪري ڪُنڍي ۾ ڦاسائي پاڻي ۾ وجھندا آهن جنهن سان جلد ئي مڇي ڪنڍي ۾ ايندي آهي۔ غور ڪريو سانپي (يعني هڪ ڊگهي جيت) جي جان نڪرڻ کان اڳ ۾ ئي ويچاري جا ڳترا ڪري ڪنڍي ۾ وجھڻ ڪيترو وڏو ظلم آهي، جيڪڏهن اهو ئي ظلم اسان سان ڪيو وڃي ته اسان تي ڇا گُذرندي۔ انهيءَ تي بس ناهي بلڪ جيڪڏهن ڪنڍي ۾ مڇي بدران ڪو ڪيڪڙو يا ڪمي اچي ته انهن کي واپس پاڻي ۾ موٽائڻ جي بدران وڏي بي دردي سان ڪنڊي مان ڪڍي اتي ئي ماريو ويندو آهي يا وري زنده ئي روڊ تي اڇلايو ويندو آهي جنهن سان اهو مظلوم جانورگاڏين جي هيٺ اچي چيڀاٽجي ويندو آهي۔ بعض ماڻهو صرف تفريح ۽ شوقيه طور تي مڇي جي شڪار تي ويندا آهن انهن کي مڇي کان ڪا دلچسپي ناهي هوندي بلڪ مقصد پڪنڪ ملهائڻ هوندو آهي اهڙن کي غور ڪرڻ گھرجي ته مان جيڪو ڪنڊي پاڻي ۾ وجھي ويٺو آهيان ان جو مقصد (Purpose) ڇا آهي ڇا مون کي مڇي جي حاجت آهي يا صرف تفريح جي لاءِ ويٺل آهيان ڇوته شوقيه طور تي مڇي جو شڪار ڪرڻ حرام آهي، جيئن ته

تفريح خاطر مڇي جو شڪار ڪرڻ ڪيئن؟

      امامِ اهلِسنّت ، مُجدِّدِ دين وملَّت، مولانا شاھ امام احمد رضا خانرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: ”شڪار کي صرف شوقيه، تفريحي طور هجي، جنهن کي ”راند“ سمجھيو ويندو آهي، ان ڪري شڪار ڪرڻ چوندا آهن۔ بندوق جو هجي، چاهي مڇي جو، روزانو ڪيو، يا ڪڏهن ڪڏهن، مطلقًا بالاتفاق حرام آهي۔ حلال اهو آهي جيڪو کائڻ جي غرض يا دوا يا ڪنهن ٻئي نفعي يا نقصان کي پري ڪرڻ لاءِ هجي۔ اڄڪلھ وڏا وڏا شڪاري جيڪي ايترا غرور وارا آهن جو بازار مان پنهنجي خاص ضروري کائڻ يا پائڻ واريون شيون آڻڻ کي پنهنجي