Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

شان جي خلاف سمجھندا آهن يا نرم اهڙا جو ڏھ قدم اُس ۾ هلي مسجد ۾ نماز جي لاءِ حاضر ٿيڻ مصيبت سمجھن اهي ٽاڪ منجھند سخت اُس ۾ گرم ريت تي هلڻ، ترسڻ ۽ گرم هوائون برداشت ڪندا آهن ۽ اڌ ڏينهن بلڪ ٻه ٻه ڏينهن شڪار جي لاءِ گھرگھاٽ ڇڏي ٻاهر رهندا آهن! ڇا اهي کائڻ جي غرض سان ويندا آهن! هرگز نه، بلڪ اهو ئي لهو لَعِب (يعني راند روند) آهي ۽ بالاتفاق حرام آهي۔ هڪ وڏي سڃاڻپ اها آهي ته ان شڪارين کي چئو؛

 مثال طور مڇي بازار مان ملندي آهي اتان خريد ڪري وٺو، هرگز نه مڃيندا يا چئو اسان آڻي ڏيون ٿا ڪڏهن نه مڃيندا، بلڪ شڪار کان پوءِ کائڻ سان به انهن کي غرض ناهي هوندو ورهائي ڇڏيندا آهن ته اهڙي شڪار تي وڃڻ يقيناً تفريح ۽ حرام آهي۔  (فتاوٰي رضويه ج۲۰ ص۳۴۱)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اچو! هاڻي مختصر طور ظلم جا ڪجھ سبب ۽ انهن جو علاج ٻڌون ۽ هن بري عادت کان پيڇو ڇڏائڻ جي نيت ڪيون ٿا، جيئن

ظلم جي انجام کان بي خبر هئڻ:

ظلم جو هڪ سبب ظلم جي انجام کان بي خبر هئڻ آهي ته جڏهن اسان کي خبر ئي نه هوندي ته ظلم جا ڪهڙا نقصان آهن ته ظلم کان بچڻ ۾ دُشواري ٿيندي۔ تنهنڪري هن جو علاج هي آهي ته قرآنِ ڪريم، احاديثِ مبارڪه ۾ هن حوالي سان جيڪي ارشاد موجود آهن انهن کي بار بار پڙھو ۽ عمل جي ڪوشش ڪريو.

دل جو سخت هئڻ:

ظلم جو هڪ سبب گناهن جي ڪري دل جو سخت هئڻ به آهي ڇوته سخت دل انسان کي رحم ناهي ايندو۔ دل جي سختي پري ڪرڻ جي لاءِ اهڙا عمل ڪيا وڃن جيڪي دل جي نرمي جو سبب بڻجندا آهن مثال طور تلاوتِ قرآنِ