Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

ڪريم جو معمول بڻائڻ ۽ موت کي ڪثرت سان ياد ڪڻ۔

دولت جي ڪثرت:

ظلم جو هڪ سبب مال ۽ دولت جي گھڻائي به آهي ڇوته انسان ڪڏهن ڪڏهن دولت جي نشي ۾ مغرور ٿي ويندو آهي ۽ غريبن کي ڪجهه به نه سمجهندو آهي، اهڙي شخص کي گھرجي ته مال ۽ دولت جي محبت دل مان ڪڍي هن ڳالھ کان ڊپ ڪري ته جيڪڏهن مان دنيا ۾ ڪنهن تي ظلم ڪندس ۽ پنهنجي دولت جو رعب ڏيکاريندس ته ممڪن آهي مون کان اها دولت کسجي وڃي ۽ ڪنهن مظلوم جي بد دعا جو شڪار ٿي مان ڪنهن مصيبت ۾ گرفتار نه ٿي وڃان۔

منصب وارو هئڻ:

          ڪڏهن ڪڏهن ڪو رتبو يا منصب ملڻ به ٻين تي ظلم جو سبب بڻجي ويندو آهي ۽ ڪو صاحبِ منصب پنهنجي عهدي جو ناجائز فائدو وٺندي غريب ۽ بي قصور ماڻهن جي خلاف ناجائز فيصلوڪندو آهي۔ اهڙن ماڻهن کي گھرجي ته پاڻ کي هن ڳالھ کان ڊيڄارين ته جهڙي طرح مان ڪنهن غريب تي پنهنجي طاقت استعمال ڪري رهيو آهيان بروزِ قيامت سمورن حاڪمن جي حاڪم اللہ  پاڪ  جهنم ۾ وڃڻ جو فيصلو ٻڌايو ته منهنجو ڇا ٿيندو۔

رب تعاليٰ کان دعا ڪريو   !

ظلم کان بچڻ جي لاءِ جن جن تي اڄ تائين چاهي ڪهڙو ئي ظلم ۽ ستم ڪيو هجي هڪدم معافي گھرڻ کپي ۽ پوءِ بارگاھ الٰهي ۾ خلوص نيت سان آئنده ان عظيم جرم، ڪبيره گناهه، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ واري ڪم کان بچڻ جي لاءِ اللہ  پاڪ جي بارگاهه ۾ دعا ڪندو رهڻ گهرجي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن گناھ کان نجات ملي ويندي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                             صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد