Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

بيان جو خلاصو

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اڄ جي بيان ۾ ظلم جي مذمت ۽ ظالمن جي انجام جي حوالي سان آيتون سڳوريون، احاديث ڪريمه ۽ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي اها به خبر پئي ته.

٭    ظلم اللہ  پاڪ جي ناراضي جو سبب آهي ۔

٭    ظلم جي ڪري انسان دنيا ۽ آخرت ۾ نقصان کڻي ٿو۔

٭    ظلم ڪرڻ واري شخص کي جهنم جي باھ ۾ سڙڻو پوندو۔

٭    مظلومن جي اللہ  ڪريم خود مدد ڪري ٿو۔

٭    مظلومن جي لاءِ صبر جي صورت ۾ وڏو اجر ۽ ثواب آهي ۔

٭    مظلومن جي مدد ۽ خير خواهي ڪرڻ سان اللہ  تعاليٰ خوش ٿيندو آهي۔

٭    مظلومن جي مدد ڪرڻ خوش بختي ۽ سعادت مندي جي ڳالھ آهي۔

  اللہ  ڪريم اسان کي به ظلم ڪرڻ ۽ ظلم ڪيو وڃڻ کان محفوظ ۽ مامون فرمائي۔اٰمين بِجاه النَّبِي الْاَمين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺامٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

حسنِ سلوڪ جون سنتون ۽ آداب

اچو! سڀ کان پهريان حُسنِ سُلُوڪ جي فضيلت تي 2 فرمانِ مصطفيٰ


 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵