Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) هر حُسنِ سُلُوڪ (Politeness) صدقو آهي غني سان ڪريو يا فقير سان۔ (مجمع الزوائد، ڪتاب الزڪوٰۃ، باب ڪل معروف صدقۃ، ۳/۳۳۱، حڈيث: ۴۷۵۴) (2) جيڪو اللہ  ۽ قيامت تي ايمان رکي ٿو ان کي گھرجي ته صِلَه رِحمي (رشتيدارن سان سٺو ورتاؤ) ڪري۔ (بخاري، ۴/۱۳۶، حديث: ۶۱۳۸) ٭ قرآن ۽ حديثن ۾ اسان کي والدين، رشتيدارن، يتيمن، مسڪينن، قريبي ۽ پري جي پاڙيسرين، مسافرن ۽ ٻانهي غلامن سان حُسنِ سُلوڪ ۽ ڀلائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ٭ حُسنِ سُلُوڪ سان پيش اچڻ اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ سنت آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ ۾ والدين جو رتبو سڀ کان وڌيڪ آهي۔ (ردالمحتار ،۹ /۶۷۸ ملخصاً) ٭ حُسنِ سُلُوڪ جون مختلف صورَتون آهن، هدِيو ۽ تحفو (Gift) ڏيڻ ۽ جيڪڏهن انهن کي ڪنهن ڪم ۾ مدد گھرجي ته ان ڪم ۾ انهن جي مدد ڪرڻ، انهن کي سلام ڪرڻ، انهن جي ملاقات جي لاءِ وڃڻ، انهن وٽ اُٿڻ ويهڻ، انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ، انهن سان مهرباني سان پيش اچڻ۔ (دُرَر، ۱/۳۲۳ملخصاً) ٭امام اعظم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايو: ياد رکو! جيڪڏهن توهان ماڻهن سان حُسنِ سُلُوڪ سان پيش نه آيا ته اهي توهان جا دشمن بڻجي ويندا توڙي جو توهان جا ماء پيءُ ئي ڇو نه هجن۔ (امام اعظم ڪي وصيتيں،ص ۲۵۔) ٭ اولياءُ اللہ  پنهنجون برائيون ڪرڻ وارن بلڪ جاني دشمن سان به حسنِ سلوڪ ڪندا هئا۔ (غيبت کی تباه ڪارياں ص۳۴۲ ماخوذاً) ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان اللہ  پاڪ جي رِضا حاصل ٿيندي آهي. ٭ حُسنِ سُلُوڪ ماڻهن جي خوشي جو سبب آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان ملائڪن کي خوشي ٿيندي آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان مسلمانن جي طرفان ان شخص جي ساراھ ٿيندي آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان شيطان کي رَنج پهچندو آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان عمر وڌندي آهي۔ ٭ حُسنِ سُلُوڪ ڪرڻ سان رِزق ۾ برڪت ٿيندي آهي۔ (تَنبيه الغافِلين، ص ۷۳ملخصاً)