Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

ظلم جي دردناڪ سزا

حضرت امام محمد بن احمد ذَهبي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نقل ڪن ٿا ته ڪنهن بزرگ هڪ شخص کي ڏٺو ته ان جي ٻانهن ڪنڌ وٽان ڪپيل هئي ۽ هو آواز لڳائي رهيو هو ته جنهن مون کي ڏٺو اهو هرگز ڪنهن تي ظلم نه ڪري۔ مون ان کان واقعو پڇو ته ٻڌايائين: ”منهنجو معاملو گھڻو عجيب ۽ غريب آهي، مان بدمعاشن جو ساٿي هئس، هڪ ڏينهن مون هڪ مڇي واري (Fisherman) کان مڇي کسي ۽ گھر ڏانهن وڃڻ لڳس، واٽ ۾ مڇي منهنجو آڱوٺو چٻائي ورتو، جيئن تيئن مان گھر پهتس ۽ مڇي کي هڪ پاسي رکي ڇڏيو۔ آڱوٺي جي درد ۽ تڪليف جي ڪري مان سڄي رات سمهي نه سگهيس۔ صبح ٿيو مان طبيب (Doctor) وٽ ويس ۽ ان کي پنهنجو سُڄيل زخمي هٿ ڏيکاريو۔ ان ٻڌايو ته آڱوٺو ڪٽڻو پوندو نه ته بعد ۾ سڄو هٿ ڪٽڻو پوندو، پوءِ مون پنهنجو آڱوٺو ڪٽائي ڇڏيو۔ پوءِ هڪ ڏينهن منهنجي هٿ تي چوٽ لڳي ته پُراڻو زخم تازو ٿي ويو، مون کي شديد تڪليف ٿي رهي هئي، مان طبيب وٽ ويس ته ان هٿ ڪٽڻ جو چيائين، مون ڪٽائي ڇڏيو پر سور سڄي ٻانهن ۾ ڦھلجي ويو۔ مان سخت تڪليف ۾ هئس ڪنهن گھڙي چين نه ايندو هو پوءِ پهريان ٺونٺ تائين پوءِ ڪلهي تائين هٿ ڪٽائڻو پيو، ڪجھ ماڻهن مون کان تڪليف شروع ٿيڻ جو سبب پڇيو ته مون انهن کي مڇي وارو واقعو ٻُڌايو، اهي چوڻ لڳا: جيڪڏهن توهان پهرين مرحلي ۾ مڇي واري وٽ وڃي ان کان معافي گھرو ها ۽ ان کي راضي ڪيو ها ته شايد توکي اهي عضوا ڪٽائڻا نه پون ها، هاڻي به وقت آهي ان شخص وٽ وڃ ۽ ان کي راضي ڪيو ان کان پهريان جو اها تڪليف سڄي جسم ۾ ڦھلجي وڃي۔ مون وڏي مشڪل سان مڇي واري کي ڳوليو ۽ معافي گھرڻ جي لاءِ ان جي پيرين پئجي ويس۔ ان پريشان ٿي پڇيو: توهان ڪير آهيو؟ مون ٻڌايو: مان اهو ئي شخص آهيان جنهن توکان مڇي کسي هئي، پوءِ مون ان کي سڄي تفصيل ٻڌائي ڪٽيل هٿ ڏيکاريو ته