Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

هو به روئي پيو ۽ چيائين: منهنجا ڀاءُ! مون توکي معاف ڪيو۔ مون ان کي شاهد ٺاهي اڳتي جي لاءِ ڪنهن تي ظلم ڪرڻ کان توبه ڪري ورتي۔(ڪتاب الڪبائر،ص۱۲۷)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو ته ڪنهن تي ظلم ۽ ستم ڪرڻ سان اُخروي عذاب سان گڏوگڏ ڪڏهن ڪڏهن دنيا ۾ به ظَالم کي درد ناڪ سزا کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، دهشت گردن، ڌاڙيلن، قتل ۽ رت وهائڻ جو بازار گرم ڪرڻ وارن کي بيان ڪيل حڪايت مان عِبرت حاصل ڪرڻ گھرجي۔ انهن کي پنهنجي انجام کان بلڪل بي خبر نه رهڻ گھرجي، ڇوته جڏهن دنيا ۾ به قهر جي بجلي ڪرندي آهي ته ظالم ماڻهو ذِلت جي موت مارجي ويندا آهن ۽ انهن سان همدردي ڪرڻ وارو، يا انهن جي موت تي لڙڪ وهائڻ وارو به ڪو نه هوندو آهي، اها ته دنيا جي ذلت آهي جڏهن ته آخِرت جو عذاب ۽ محشر جي ڏينهن جي رسوائي ۽ حساب ڪتاب جو اندازو ڪير لڳائي سگھي ٿو۔ ظلم مان مراد صرف اهو ئي نه آهي ته ڪنهن جي اک ڪڍي وڃي، ڪنهن جي جسم جو ڪو حصو ڪٽي ان تي مِرچون وڌيون وڃن، ڪنهن زنده جان جا ننهن ڪڍيا وڃن، يا ڪنهن کي بکايل ۽ اُڃايل قيد ۾ رکيو وڃي بلڪ ڪنهن جو حق مارڻ، ڪنهن کي بلاوجه تنگ ڪرڻ ايذاء پهچائڻ به ظلم ئي جي زُمري ۾ اچي ٿو، جيڪو اسلامي احڪامن جي خلاف ورزي ۽ اللہ  ڪريم ۽ ان جي رسولِ عظيمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ناراضي جو سبب آهي۔ اچو! پهريان ظلم جي تعريف ٻڌو پوءِ ان جي مذمت ۽ ان جي انجام جي باري ۾ ٻڌنداسين، جيئن

ظلم جي تعريف

حضرت شريف جُرجاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه  پنهنجي ڪتاب ”اَلتَّعرِيفَات“ ۾ ظلم جي معنى بيان ڪندي لکن ٿا؛ ڪنهن شيء کي ان جي جڳهه کان علاوه ڪنهن ٻي جاءِ تي رکڻ۔ (التعريفات للجرجاني ص 102) شريعت ۾ ظلم مان مراد هي آهي ته ڪنهن جو حق مارڻ (ڦٻائڻ)، ڪنهن کي غير محل (ٻي هنڌ) تي خرچ ڪرڻ، ڪنهن کي بنا ڏوهه جي سزا ڏيڻ۔ (مراٰۃ المناجيح ،ج۶ ص ۶۶۹)