Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

      افسوس! اڄڪلھ ماڻهو پنهنجي اَنجام کان بي خوف ٿي ظلم ۽ زيادتي ڪندي، ڌمڪيون ڏئي ماڻهن کان رقم جو مُطالبو ڪندا آهن، ماڻهن جي مال ۽ جائيداد تي قبضو ڪندا آهن، چوري، ڌاڙو، دهشت گردي ۽ قتل ۽ رت وهائڻ جهڙن گناهن ۾ مبتلا ٿي خبر ناهي ڪهڙي ڪهڙي انداز سان مسلمانن جا حق برباد ڪري رهيا آهن۔ ياد رکو! ظلم جو انجام نهايت ئي ڀيانڪ ۽ خطرناڪ آهي اسان دنيا ۾ چاهي ڪنهن تي ڪيترو ئي ظلم ڪري وٺون ۽ بي خوف ٿي گُھمندا وتون پر اهو به ياد رکو! مرڻ کان بعد هر ظلم جو حساب ڏيڻو پوندو۔ کوڙاهڙا ظالم ۽ جابر ماڻهو گذريا جن جو شمار دنيا جي طاقتور ماڻهن ۾ ٿيندو هو، جن وٽ نعمتن جا خزانا موجود ها، جن جي حڪم جي خلاف ورزي ڪرڻ ڄڻ ته موت کي دعوت ڏيڻ هو، جيڪي زمين تي آڪڙجي هلندا ها، جن جي ظلم ۽ جبر جا نه صرف ڪارناما ٻڌي بلڪ انهن جو نالو ٻڌي ئي ماڻهو ڏڪي ويندا ها، شايد اهي هن ڳالھ کان بي خبر ها ته هڪ ڏينهن انهن کي به مرڻو آهي ۽ پنهنجي ڪرڻي جو ڦل سهڻو پوندو، آخرڪار موت انهن کي پنهنجي شِڪنجي ۾ وٺي انهن جو غروروتڪبر هميشه جي لاءِ خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو۔ اچو! اهڙي ئي هڪ ظالم بادشاھ جي موت جي عبرت آموز حڪايت ٻڌو ۽ نصيحت جا مدني گل چُونڊي پنهنجي دل جي مدني گلدستي ۾ سجائڻ جي ڪوشش ڪريو، جيئن

ظالم بادشاھه جو عبرت ناڪ انجام!

 ڪنهن ملڪ ۾ هڪ ظالم ۽ مغرور بادشاھ رهندو هو۔ ان هڪ عظيم الشان (Magnificent) محل ٺاهرايو ۽ ان جي تعمير تي ڪافي مال خرچ ڪيائين، تعمير مڪمل ٿيڻ کان بعد بادشاھ پنهنجي ڪجھ سپاهين کي وٺي ۽ محل ڏسڻ جي لاءِ نڪتو۔ اندران ڏسڻ کان بعد ان محل جي چوڌاري چڪر لڳائي بيروني حصي جو مُعَائِنو شروع ڪيو۔ هڪ هنڌ رُڪي ان هڪ جھوپڙي (Cottage) ڏانهن اشارو ڪندي پڇيائين: اها اسان جي محل ڀرسان جھوپڙي ڪنهن ٺاهي آهي؟ سپاهين جواب ڏنو: ''ڪجھ ڏينهن کان هتي هڪ مسلمان