Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

پوڙھي عورت آئي آهي، ان اها جھوپڙي ٺاهي آهي ۽ هوءَ ان ۾ اللہ  پاڪ جي عبادت ڪندي آهي۔ بادشاھ اهو ٻڌي وڏي تڪبر ڀري انداز ۾ چيائين: هن غريب پوڙهي کي اها جرئت ڪيئن ٿي ته اسان جي محل جي ويجھو جھوپڙي ٺاهي، هن جھوپڙي کي هڪدم ڊاهي پٽ ڪريو۔ حڪم ملندي ئي سپاهي جھوپڙي ڏانهن وڌيا، پوڙهي ان وقت اتي موجود نه هئي۔ سپاهين هڪدم ان غريب پوڙهي جي جھوپڙي کي ختم ڪري ڇڏيو۔ بادشاھ جھوپڙي ڪرائڻ کان بعد پنهنجن دوستن سان گڏ پنهنجي نئي محل ۾ ويو۔ جڏهن پوڙهي واپس موٽي ته پنهنجي ٽٽل جھوپڙي کي ڏسي گھڻي غمگين ٿي ۽ جڏهن ان کي معلوم ٿيو ته بادشاھ ان جي جھوپڙي ڪرائي آهي۔ ته ان آسمان ڏانهن نگاھ کڻي اللہ  پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيائين: اي منهنجا پاڪ پرور دگار! جنهن وقت منهنجي جھوپڙي ٽوڙي وئي، مان موجود نه هئس پر منهنجا رحيم ۽ ڪريم پرور دگار! تون ته هر شيء ڏسين ٿو، تنهنجي قدرت ته هر شيء کي محيط آهي، تنهنجي هوندي تنهنجي هڪ عاجز ٻانهيءَ جي جھوپڙي ٽوري وئي۔ ان پوڙهي جي فرياد ۽ دعا مقبول ٿي۔ اللہ  ڪريم حضرت سَيدُنا جبرائيلعَلَيۡهِ السَّلَام کي حڪم ڏنو ته هن سڄي محل کي بادشاھ ۽ ان جي سپاهين سميت تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏ۔ حڪم ملندي ئي حضرت سَيدُنا جبرائيلعَلَيۡهِ السَّلَام زمين تي آيا ۽ سڄي محل کي ان ظالم بادشاھ ۽ ان جي سپاهين سميت زمين ۾ دٻائي ڇڏيو۔  (عيون الحڪايات، الحڪايۃ الثالثۃ والستون بعدالمائۃ، ۱۷۶)

اميراهلسنت نصيحت جا مدني گل ڏيندي فرمائن ٿا:

بادشاھوں  کی  بکھری   ہوئی  ھڈیاں                            کہہ رہی ہیں نہ بننا کبھی حکمراں

اِحتِساب اِسکا گزرے گا  تم  پر  گِراں                         حشر میں جب کہ جاؤ گے مر کر  میاں

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

الله پاڪ جي پڪڙ وڏي سخت آهي!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل عبرت ناڪ حڪايت مان معلوم ٿيو ته