Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

ظلم ۽ غرور ۽ تڪبر ڪرڻ اللہ  پاڪ کي بلڪل پسند نه آهي۔ جڏهن ڪو نادان غرور ۽ تڪبر جي نشي ۾ ڪنهن کي ظلم وستم جو نشانو ٺاهيندو آهي ته اللہ  پاڪ جو غضب جوش ۾ ايندو آهي، پوءِ ظالم چاهي ڪيترو ئي طاقتور ڇو نه هجي ان کي آخرت کان پهريان دنيا ۾ به نشانِ عبرت بڻائي ڇڏيندو آهي ۔ بيشڪ هن حڪايت ۾ انهن نادانن جي لاءِ عبرت جا مدني گل موجود آهن جيڪي ڪثرتِ مال ۽ دولت، خاندان ۽ اعليٰ منصب يا وزارت وغيره جي غرور (Pride) ۾ ماڻهن تي ظلم و ستم ڪن ٿا۔ اهڙن کي گھرجي ته اهي قهرِ الهي کان ڊڄن ۽ ظلم جھڙي تباھ ڪندڙ آفت کان هڪدم توبهه ڪن نه ته ياد رکو! اللہ  پاڪ ظالم کي مهلت (Respite) ڏيندو آهي پر جڏهن پڪڙ ڪندو آهي ته ان جي پڪڙ وڏي سخت ٿيندي آهي،

حضرتِ ابوموسيٰ اشعري رَضِي الله تَعَالٰي عَنْه کان روايت آهي، نبي ڪريم،رؤفٌ رَّحيمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايائون: بيشڪ اللہ  عَزَّوَجَلَّ ظالم کي مهلت ڏيندو آهي ايستائين جو جڏهن ان کي پنهنجي پڪڙ ۾ وٺندو آهي ته پوءِ ان کي ناهي ڇڏيندو۔ هي فرمائي سرڪارِ نامدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سيپاري 12 سوره هود جي آيت نمبر 102 تلاوت فرمائي:

وَ كَذٰلِكَ اَخْذُ رَبِّكَ اِذَاۤ اَخَذَ الْقُرٰى وَ هِیَ ظَالِمَةٌؕ-اِنَّ اَخْذَهٗۤ اَلِیْمٌ شَدِیْدٌ(۱۰۲)

ترجمو ڪنزُالايمان: ۽ اِهڙِي ئِي طرح پڪڙ آهي تُنهنجي رب جِي جڏهن ڳوٺن کي پڪڙي ٿو اُنهن جي ظلم تي، بيشڪ اُن جِي پڪڙ سخت دردناڪ آهي.

(بخاري، ڪتاب التفسير، باب وڪذلڪ اخذ ربڪ اذا اخذ القري وهي ظالمۃ۔۔ الخ، ۳/۲۴۷، الحديث: ۴۶۸۶)

مفسرِ قرآن علامه صاوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته هر ظلم ڪرڻ واري تي لازم آهي ته هو پنهنجي ظلم کان توبه ڪري ۽ ظلم ڪرڻ ڇڏي ڏي ۽ جنهن جو جيڪو حق کسيو هجي اهو ان کي موٽائي ڏي، ته جيئن هو هن عظيم وعيد ۾ داخل نه ٿئي ڇو ته اها آيت اڳوڻين اُمتن سان خاص نه آهي بلڪ هر ظالم لاءِ عام آهي۔    ( تفسير صاوي، هود تحت الآيۃ:۱۰۲، ۳/۹۳۱)