Zulm Ka Anjam

Book Name:Zulm Ka Anjam

ڪو گناھ اهڙو ناهي، جنهن جي ڪندڙ کي اللہ  پاڪ آخرت ۾ سزا ڏيڻ سان گڏوگڏ دنيا ۾ به سزا ڏيڻ ۾ جلدي ڪندو هجي۔ (سنن الترمذي ،ڪتاب صفۃ القيامۃ، ۴/۲۲۹، الحديث:۲۵۱۹)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! مُعاشري ۾ امن جي فضاء قائم ڪرڻ ۽ ان جي راھ ۾ ايندڙ رڪاوٽ ”ظلم“ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اسان جڏهن ڪنهن کي نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون حديثون ٻڌائينداسين ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ! اهي دردناڪ  وعيدون ٻڌي ٿي سگھي ٿو ان جي دل ۾ خوفِ خدا پيدا ٿئي ۽ اهو ظلم کان مُڙي وڃي۔ معاشري مان ظلم جو خاتمو ڪرڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجن بُزرگن سڳورن جي طريقي کي پيشِ نظر رکڻ گھرجي ته اهي بزرگ ظالم جي اصلاح جي نيت سان بنا ڊپ ۽ گهٻرائڻ جي حق ڳالھ ڪندا هئا ۽ ان کي ظلم کان روڪيندا هئا۔

احمد بن طولون انصاف پسند ڪيئن ٿيو؟

      اچو! هاڻي ظلم روڪڻ بابت حضرت سيدتنا نفيسه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْهَا جو هڪ واقعو ٻڌون ٿا، منقول آهي ته احمد بن طُولون جي عادل (انصاف ڪرڻ وارو) بڻجڻ کان اڳ ۾ جڏهن هو ماڻهن تي ظلم ڪرڻ لڳو ته ماڻهو ان جي ظلم کان نجات جي لاءِ حضرت سيدَتُنا نفيسه رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها جي بارگاھ ۾ حاضر ٿيا ۽ ان جي شڪايت ڪيائون۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها ماڻهن کان پڇيو: هو ڪنهن وقت سواري تي نڪرندو؟ ماڻهن عرض ڪيو: سڀاڻي نڪرندو۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها هڪ مڪتوب لکيو ۽ ان واٽ ۾ بيهي رهيون جتان کان احمد بن طولون کي گذرڻو هو۔ جڏهن هو گذريو ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْها فرمايائون: اي احمد! اي ابن طولون! جڏهن ان ڏٺو ته پاڻ کي سڃاڻي ورتو ۽ گھوڙي تان لهي آيو ۽ مڪتوب (خط) وٺي پڙھڻ لڳو جنهن ۾ لکيل هو: تون بادشاھ ٿيئن ته تو ماڻهن کي قيد ڪيو، تون قادر ٿئين ته تو ماڻهن کي مجبور ڪيو، تنهنجي ذمي ڪفالت ٿي ته تو ماڻهن تي ظلم ڪيو، ماڻهن جي رزق تي توکي ضامن