Muaf Karny K Fazail

Book Name:Muaf Karny K Fazail

دونهان ڏنا ها، سوين ڀيرا ڳلو دٻايو هو۔ اڄ اهي سڀ جا سڀ ڏھ (10)، ٻارهن (12) هزار مُهاجرن ۽ اَنصار جي لشڪر جي حِراست ۾ مُجرِم بڻجي ڏڪي رهيا ها ۽ پنهنجي دلين ۾ هي سوچي رهيا هئا ته شايد اڄ اسان جي لاشن کي ڪتّن جي حوالي ڪري اسان جون ٻوٽيون سِرڻن ۽ ڪانون کي کارايون وينديون ۽ اَنصار ۽ مُهاجرين جي غَضَب ناڪ فوج اسان جي ٻار ٻار کي مٽي ۽ رت ۾ مِلائي اسان جي نَسلن کي نِيست و نابُود ڪري وجھندي ۽ اسان جي بستين کي تاخت و تاراج (تباھ ۽ برباد) ڪري ويران ڪري ڇڏيندا، انهن مُجرمن جي سِينن ۾ خوف ۽ هراس جو طُوفان اٿي رهيو هو۔ دَهشَت ۽ ڊپ سبب انهن جي بدنن جو هر حصو ڏڪي رهيو هو، دل ڌڙڪي رهيا ها، تمام گھڻو خوف ڇانيل هو۔ انهيءَ مايوسي ۽ نااُمّيدي جي خطرناڪ فَضا ۾ هڪ دَم شَهنشاھ رِسالت صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رحمت ڀري نگاھ انهن ڏانهن مُتوَجّه ٿي ۽ اُن مُجرِمن کان پاڻ ڪريم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پڇيو ته ٻڌايو! توهان کي ڪجھ معلوم آهي ته اڄ مان توهان سان ڪهڙو مُعامَلو ڪرڻ وارو آهيان؟ ان دَهشَت اَنگيز ۽ خوفناڪ سوال سان مُجرِم حواس وڃائي ڏڪڻ لڳا، پر رحمت ڀري پيشاني کي ڏسي سڀ گڏجي هڪ زبان ٿي چوڻ لڳا ته اوهان صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وڏي ڪرم وارا آهيو. 

 

سڀني جون نماڻيون نگاهون جَمال ِنُبُوَّت ڏانهن ڏسي رهيون هيون ۽ سڀني جا ڪن شهنشاھ نُبُوَّت جي مبارڪ فيصلي وارو جواب ٻڌڻ جي انتظار ۾ هئا جو يڪدم فاتحِ مڪه رحمت واري آقا صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي ڪريماڻي لهجي ۾ ارشاد فرمايو: لَاتَثْرِیْبَ عَلَیْکُمُ الْیَوْمَ فَاذْھَبُوْا اَنْتُمُ الطُّلَقَآءُ اڄ توهان تي ڪو اِلزام ناهي، وڃو توهان سڀئي آزاد آهيو۔

 

بالڪل غير مُتوقع طور تي اوچتو هي فرمانِ رِسالت ٻڌي سڀني مُجرِمن جون اکيون شرمساري وچان اَشڪبار ٿي ويون ۽ انهن جي زبانن تان نڪرندڙ لَاۤاِلٰه اِلَّا اللہ  مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللہ  جي نعرن سان حرمِ ڪعبه جي در ۽ دِيوار تي هر طرف نور