Muaf Karny K Fazail

Book Name:Muaf Karny K Fazail

اچو! تَرغِيب طور هفتيوار اِجتِماع ۾ حاضِري جي هڪ مَدَني بَهار ٻڌو ۽ اِجتِماع ۾ پابندي سان حاضِر ٿيڻ جي نِيت ڪريو۔ جيئن

غفلت جي خواب مان بيداري

کڙي شريف (ڪشمير) جي هڪ عَلائقي پُل عطاري (پُل مَنڊا) ۾ رهائشي اسلامي ڀاءُ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابستگي کان پهريان بي عَمَلي جي زندگي گذاري رهيو هو۔ نماز روزن جي مُعامَلي ۾ سُستي ڪرڻ ۽ بَداَخلاقي سان پيش اچڻ ان جو معمول بڻجي چُڪو هو۔ نه حُقُوقُ اللہ  جو احترام هو نه ئي حُقوق العِباد يعني ٻانهن جي حقن جو لحاظ۔ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته اسلامي ڀاءُ ان کي هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتماع جي دعوت پيش ڪندا هئا پر اهو ٽاري ڇڏيندو هو ۽ ائين شرڪت کان محروم رهندو هو، انهيءَ غفلت جي عالَم ۾ ڪم و بيش 10 سال گذري ويا۔ هڪ دفعي ان جي هڪ دوست (Friend) ان کي ٻڌايو ته هو دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتماع ۾ کڙي شريف ويو هو، جتي ان کي گھڻو سُرور مِليو۔ اُن هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتماع جي اهڙي منظر ڪشي ڪئي جو اُن جي دل ۾ به شرڪت جي خواهش پيدا ٿي، ان پنهنجي ساڳي دوست سان جڏهن پنهنجي هن خواهش جو اِظهار ڪيو ته هو گھڻو خوش ٿيو ۽ ايندڙ هفتي هو ان سان گڏ هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتماع ۾ پهتا۔ اِجتماع ۾ اُن کي گھڻو سُڪون مليو۔ پُرسوز بَيان ۽ رِقّت اَنگيز دعا سان دل ۾ گھڻو اَثر ٿيو، پوءِ هو به پابندي سان هفتيوار سُنّتن ڀري اِجتماع ۾ شريڪ ٿيڻ لڳو۔ ائين مسلسل عاشقانِ رسول جي صحبت جي بَرَڪت سان اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ اُن جو چهرو سنّت جي مطابق هڪ مُٺ ڏاڙھي سان سينگارجي ويو۔ رَمَضانُ المبارَڪ ۾ اِجتماعي اِعتڪاف جون بَرَڪتون ماڻڻ جو موقعو مليو ۽ هو به سُنّتن ڀريي ماحول ۾ رچي ويو۔ اللہ  ڪريم اُن کي اِستقامت عطا فرمائي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ