Muaf Karny K Fazail

Book Name:Muaf Karny K Fazail

عطائے حبیبِ خدا مَدَنی ماحول          ہے فَیضانِ غَوث و رضا مَدَنی ماحول

سنور جائیگی آخِرت اِنْ شَآءَ اللہ         تم اپنائے رکھو سدا مَدَنی ماحول

سلامت رہے یا خدا مَدَنی ماحول      بچے نظرِبد سے سدا مَدَنی ماحول

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيئن جيئن اسان زمانه رسالت کان پري ٿيندا پيا وڃون اسان جي دلين مان مسلمانن کي مُعاف ڪرڻ جو جذبو تقريباً ختم ٿيندو پيو وڃي، جڏهن ته اسان پاڻ به سڄي ڏينهن ۾ ڪيتريون غَلَطيون ڪندا هونداسين، مسلمانن جا حق ضائع ڪندا هونداسين، انهن جون دليون ڏکائيندا هونداسين، انهن سان يا انهن سان تَعَلُّق رکڻ وارين شين کي نقصان پهچائيندا هونداسين، پر ماڻهو اسان جو مَنصَب، رُتبو يا بزرگي وغيره جو لحاظ ڪندي اسان کي معاف ڪندا هوندا، پر افسوس! اسان ته مسلمانن جي غَلَطين کي مُعاف ڪرڻ پنهنجي زندگي جي ڊڪشنري مان ڄڻ ته ڪنهن حرفِ غلط وانگر مٽائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اللہ  پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي عَفْوو دَرگُذر جو اهو عالَم هوندو آهي جو اهي گار ڏيڻ واري جي به مَعذِرَت قَبول ڪري ان کي مُعافي سان نوازيندا هئا، جيئن حضرت سَيدُنا امام حَسَن مجتبيٰ رَضِىَ اللہ  تَعَالٰى عَنْه فرمائن ٿا: لَوْاَنَّ رَجُلًا شَتَمَنِیْ فِیْ اُذُنِی ہٰذِہٖ، وَاعْتَذَرَ اِلَیَّ فِی اُذُنِی الْاُخْرٰی لَقَبِلْتُ عُذْرَہُ يعني جيڪڏهن ڪو منهنجي هڪ ڪن ۾ گار ڏي ۽ ٻي ڪن ۾ معافي گھري ته مان ضَرور ان جي مَعْذِرَت قَبول ڪندس۔ (بهجة المجالس وانس المجالس لابن عبدالبر ،۲/ ۴۸۶) اي ڪاش! مسلمانن جي غَلَطين کي مُعاف ڪرڻ جي اها مَدَني سوچ اسان کي به نصيب ٿئي۔ جيتوڻيڪ اهي ڪم نَفس تي دُشوار ضرور آهن پر جڏهن اِرادا مضبوط هجن ته مشڪل کان مشڪل ڪم به انتهائي آسان ٿي ويندا آهن۔ البت ڪڏهن ڪڏهن ڪجھ اهڙيون رڪاوٽون اچي وينديون آهن جيڪي اِنسان کي مُعاف ڪرڻ کان روڪينديون آهن، تنهنڪري انسان کي گھرجي ته هو