Muaf Karny K Fazail

Book Name:Muaf Karny K Fazail

جي صَفحي نمبر 112 تي لکن ٿا: مون کي جيڪو ڪوئي گار ڏئي، برو ڀلو چئي (غيبتون ڪري) زَخمي ڪري يا ڪنهن به طرح دل آزاري جو سبب بڻجي مان ان کي اللہ  پاڪ جي رضا لاءِ اڳ ۾ ئي معاف ڪري چڪو آهيان، مونکي ستائڻ وارن کان ڪو اِنتِقَام(بدلو) نه وٺي فرض ڪيو ته ڪو مون کي شَهِيد ڪري ته منهنجي طرفان منهنجا حق ان کي مُعَاف آهن، وَارِثن کي به دَرخواست آهي ته انکي پنهنجا حق مُعاف ڪن (۽ مُقدمو وغيره به نه ڪن) جيڪڏهن سَرڪارِ مدينه صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شَفاعت جي صدقي مَحشَر ۾خصوصي ڪرم ٿيو ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ پنهنجي قَاتل يعني مون کي شَهيد ڪرڻ واري کي به جنّت ۾ وٺي ويندس شرط هي آهي ته ان جو خاتمو ايمان تي ٿيو هجي، جـيڪڏهن منهنجي شَهادت ٿئي ته ان جـي ڪري ڪـنهن قـسـم جو فَساد ۽ هَڙتالون نه ڪيون وڃن، جيڪڏهن هَڙتَال ان جو نالو آهي ته ماڻهن جا ڪاروبار زَبردستي بند ڪرايا وڃن ۽ پڻ دڪانن ۽ گاڏين تي پٿراؤ وغيره ٿئي ته ماڻهن جي اهڙين حَق تَلفِين کي ڪوبه مُفتيءِ اِسلام جَائِز نٿو چئي سگهي، اهڙي طرح جي هَڙتال حَرام ۽ جَهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي، هن طرح جو جَذبَاتي قدم کڻڻ سان دين ۽ دنيا جي نُقصان کان سواءِ ڪجهه به حاصل ناهي ٿيندوـ عُمُومًا هَڙتال ڪرڻ وارا جلد ئي ٿڪجي پوندا آهن ۽ بالآخر اِنتظاميه جي قابو ۾ اچي ويندا آهن.

 ضَروري وَضاحت: مُسلمان جي قتل ۾ شرعًا ٽي حق آهن (1) اللہ  جو حق (2) مَقتُول جو حق (3) وارثن جو حق، مَقتُول جيڪڏهن زندگي ۾ اڳواٽ ئي معاف ڪيو هجي ته صرف ان جو حق معاف ٿيندو اللہ  جي حق کان ڇوٽڪاري جي لاءِ سچي توبه ڪري، وارثن جي حق جو تعلق صرف وارثن سان آهي هو چاهن ته معاف ڪن چاهن ته قِصاص وٺن، جيڪڏهن دنيا ۾ مُعافي يا قِصاص جي ترڪيب نه بڻجي ته قَيامت جي ڏينهن وارث پنهنجي حق جو مطالبو ڪري سگهن ٿا.

صدقہ پیارے کی حیا  کا کہ نہ لے مجھ سے حساب             بخش بے پوچھے لجائے کو لجانا کیا ہے