Muaf Karny K Fazail

Book Name:Muaf Karny K Fazail

مختصر وضاحت: يعني اي رب ڪريم! توکي تنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شرم ۽ حيا جو واسطو! مون کان حساب ڪتاب نه وٺ بلڪ پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان بغير حساب ۽ ڪتاب جي ئي مون کي بخشي ڇڏ ڇو ته جيڪو پهريان ئي پنهنجي گناهن تي شرمنده هجي ان جو حساب وٺي ڪري ان کي وڌيڪ شرمندا ڪرڻ کان ڇا حاصل ٿيندو.

سڀني اسلامِي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن کي نماڻو عرض ڪيان ٿو ته جيڪڏهن مون توهان مان ڪنهن جي غِيبت ڪئي هجي، تُهمت هنئي هجي، دڙڪا ڏنا هجن، ڪنهن به طرح سان دل آزاري ڪئي هجي مونکي مُعاف مُعاف ۽ مُعاف فرمائي ڇڏيو ـ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو حَقُ العَبد جنهن جو تَصوُّر ڪري سگهجي ٿو فرض ڪيو ته اهو مون اوهان جو ضايع ڪيو آهي، اهو به ۽ ننڍي کان ننڍو حق به جيڪو ضَايع ڪيو هجي ان کي به معاف ڪري ڇڏيو ۽ عَظيم ثواب جا حَقدار بڻجوـ هٿ ٻڌي ڪري مدني اِلتِجَا آهي ته گھٽ ۾گھٽ هڪ ڀيرو دل جي گهراين سان چئو: ”مون اللہ  پاڪ جي لاءِ محمد اِليَاس عَطَّار قَادري رَضوي کي معاف ڪيو.“

 جنهن جو مون تي قرض هجي يا مان ڪا شيء عارضي طور ورتي هجي ۽ واپس نه ڪئي هجي ته هو دعوتِ اسلامي جي مرڪزي مَجلسِ شُوريٰ جي نگران ڏانهن رجوع ڪري، جيڪڏهن وُصُول ڪرڻ نه ٿو چاهي ته اللہ  ڪريم جي رضا جي لاءِ معاف ڪري آخرت جي ثواب جو حقدار بڻجي ـ جيڪي ماڻهو منهنجا مَقرُوض آهن انهن کي مان پنهنجا تمام ذاتي قرض معاف ڪيا، يااِلٰهي

تُو بے حساب بخش کہ ہیں  بے حساب جُرم                    دیتا ہوں واسِطہ تجھے  شاہِ  حجاز  کا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد