Muaf Karny K Fazail

Book Name:Muaf Karny K Fazail

ڪيون وينديون۔

٭          اللہ  وارا نَفس جي خاطِر غُصّو نٿا ڪن۔

٭          اللہ  وارا تڪليف ڏيڻ وارن کي به دعائن سان نوازين ٿا۔

٭          اللہ  وارا پنهنجا حق معاف ڪندا آهن۔

٭          ٻانهن جا حق ضائع ڪرڻ وارا بروزِ قِيامت پنهنجن نيڪين کان محروم ڪيا ويندا۔

٭          تڪبّر ۽ غُصّو معاف ڪرڻ ۾ تمام وڏيون رڪاوٽون آهن۔

٭          عِلم حاصل ڪرڻ ۽ چڱي ماحول جي بَرَڪت سان مُعاف ڪرڻ جو ذهن نصيب ٿيندو آهي۔

اللہ  ڪريم پنهنجن ولين جي صدقي اسان کي به مُعاف ڪرڻ جو جذبو نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سنتیں عام کریں دین کا ہم کام کریں                              نیک ہوجائیں مسلمان مدینے والے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵