Muaf Karny K Fazail

Book Name:Muaf Karny K Fazail

وٺندو ۽ ان کي پنهنجي رَحمَت سان جنَّت ۾ داخل فرمائيندو۔ صحابه ڪِرام عَلَيْهِمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو: يا رسول اللہ  صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اهي ڪهڙيون ڳالهيون آهن؟ ارشاد فرمايائون: (1) جيڪو توهان کي مَحرُوم ڪري، توهان ان کي عطا ڪريو(2) جيڪو توهان سان تعلق ٽوڙي توهان ان سان جوڙيو (3)جيڪو توهان تي ظلم ڪري توهان ان کي معاف ڪريو۔(معجم اوسط،۴/۱۸،حديث :۵۰۶۴)

(2)  فرمايائون: ”قيامت جي ڏينهن اعلان ڪيو ويندو: جنهن جو اجر اللہ  پاڪ جي ذمہءِ ڪرم تي آهي، اهو اٿي ۽ جنّت ۾ داخل ٿي وڃي۔ پُڇيو ويندو: ڪنهن جي لاءِ اجر آهي؟ اعلان ڪندڙ چوندو: انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي مُعاف ڪرڻ وارا آهن، ته هزارين ماڻهو اُٿي بيهندا ۽ بنا ڪنهن حساب جي جنّت ۾ داخل ٿي ويندا۔“  (معجم اوسط ،۱/۵۴۲،حديث:۱۹۹۸)

(3) فرمايائون: جيڪو ڪنهن مسلمان جي غَلَطي کي مُعاف ڪندو قِيامت جي ڏينهن اللہ  پاڪ ان جي غَلَطي کي مُعاف فرمائيندو.

 (ابن ماجه،ڪتاب التجارات،باب الاقالة، ۳ /۳۶،حديث:۲۱۹۹)

(4) فرمايائون: هر دور ۾ منهنجي بهترين اُمّتين جو تعداد پنج سو (500) آهي ۽ اَبدال چاليھ (40) آهن، نه پنج سو (500) مان ڪوئي گھٽ ٿيندو آهي ۽ نه ئي چاليھ (40) مان، جڏهن چاليھن (40) اَبدالن مان ڪنهن جو اِنتقال ٿيندو آهي ته ربِّ ڪريم پنج سو(500) مان هڪ کي ان فوت ٿيڻ واري اَبدال جي جڳھ تي مُقَرَّر ڪندو آهي ۽ ائين 40 جي ڪمي پوري ڪندو آهي، عَرض ڪيو ويو: اسان کي انهن جي عملن جي باري ۾ اِرشاد فرمايو۔ فرمايائون: ظُلْم ڪرڻ واري کي مُعاف ڪن ٿا، بُرائي ڪرڻ واري سان ڀلائي سان پيش اچن ٿا ۽ اللہ  پاڪ جيڪو ڪجھ اُنهن کي عطا ڪيو آهي ان مان ماڻهن جي غم خواري ڪن ٿا۔ (حلية الاولياء،۱/ ۳۹، حديث :۱۵)