Muaf Karny K Fazail

Book Name:Muaf Karny K Fazail

(5) هڪ شخص بارگارھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: يارسولَ اللہ
صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان نوڪر کي گهڻا ڀيرا معاف ڪريون؟ پاڻ سڳورا صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خاموش رهيا، ان وري اهو سوال پڇيو، پاڻ ڪريم
صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وري ماٺ رهيا، جڏهن ٽيون ڀيرو سُوال ڪيائين ته ارشاد فرمايائون: روزانو سَتَّر (70) ڀيرا۔

 (ترمذي،ڪتاب البر ولصلة ،باب ما جاء في العفو عن الخادم،۳/۳۸۱،حديث:۱۹۵۶)

حڪيمُ الاُمَّت حضرت مفتي اَحمد يار خان رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي تحت فرمائن ٿا؛ عربيءَ ۾ ”سَتَّر“ جو لفظ زيادتي بيان ڪرڻ جي لاءِ هوندو آهي، يعني هر روز ان کي گهڻو معاف ڪريو۔ اهو ان صُورت ۾ جڏهن ته غلام کان ڀل ۾ غَلطي ٿي ويندي هجي، نفس جي شرارت جي ڪري نه هجي ۽ قصور به مالڪ جو ذاتي هجي، شَرِيعت جو يا قومي ۽ ملڪي قصور نه هجي جو اهي قصور مُعاف نه ٿا ڪري سگهجن۔ (مرآة المناجيح،۵/۱۷۰)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته ماڻهن کي مُعاف ڪرڻ ڪيتري قدر بهترين عمل آهي جنهن جون دُنيا ۾ ته بَرَڪتون نصيب ٿينديون آهن پر آخرت ۾ به اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ان جي بَرَڪت سان جنّت جي خوشخبري سان نوازيو ويندو۔ ته ڪيترا خوش قسمت آهن اهي مسلمان جيڪي طاقت ۽ قدرت جي باوجود به ماڻهن جي خطائن کي پنهنجي نفساني ضِد جو مَسئَلو نٿا ٺاهن بلڪ مُعاف ڪري ثواب جو خزانو ماڻن ٿا۔ پر افسوس! اڄ جيڪڏهن اسان کي ڪو معمولي تڪليف به پهچائي يا ڪجھ بداَخلاقي جو مظاهرو ڪري ته اسان عَفو و دَرگُذر جو دامن هٿن مان ڇڏي ڏيندا آهيون، ان جا دُشمن بڻجي ويندا آهيو ۽ مختلف طريقن سان ان کان بدلو وٺڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا، جيئن ته جيڪڏهن اسان رحمتِ ڪونين، ناناءِ حَسَنَين صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاڪيزه سيرت جو مطالَعو ڪريون ته اسان تي