Muaf Karny K Fazail

Book Name:Muaf Karny K Fazail

اسلام جي دُشمنن جو هڪ وڏو هجوم هو۔ ان شَهنشاهي خُطبي ۾ رسول اڪرم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم رڳو مڪي وارن کي ئي نه بلڪ سڀني ماڻهن کي عام خطاب فرمايو۔ خُطبي کان پوءِ شَهنشاھ ڪونين صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان هزارن جي ميڙ ۾ هڪ گهري نگاھ وڌي ته ڏٺائون ته ڪنڌ جُھڪائي، نگاهون هيٺ ڪري، خوف ۽ ڊپ ۾ قريش جا سردار بيٺل آهن۔ انهن ظالمن ۽ جَفاڪارن ۾ اهي ماڻهو به ها، جنهن پاڻ سڳورن صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي راهن ۾ ڪنڊا وڇايا، اهي ماڻهو به ها جيڪي ڪيئي ڀيرا حضور صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي پٿرن جي بارش ڪري چڪا ها۔ اهي خُونخَوار به ها جنهن بار بار سندن تي قاتِلاڻا حملا ڪيا ها، اهي بي رحم ۽ بي دَرد به ها، جن مُبارَڪ ڏندن (جي ڪجھ حصّي) کي شهيد ۽ پاڻ سڳورن صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ چهري کي رتو رت ڪيو هو۔ اهي بد معاش به هئا جن سالن تائين پنهنجي بُهتانن ۽ شرمناڪ گارين سان پاڻ سڳورن صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قَلبِ مُبَارَڪ کي زَخمي ڪري چڪا هئا۔ اهي بي رحم ۽ دَرِنده صِفَت به هئا، جن سندن ڳچي ۾ چادر جو ڦندو وجھي پاڻ صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڳلو گھٽي چڪا هئا۔ اهي آقا صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خُون جا پياسا به هئا، جن جي اُڃ نُـبُوَّت جي رت کان سواءِ ڪنهن شيء سان ختم نه ٿئي هئا۔ اهي جَفاڪار ۽ خُونخوار به ها جن جي سخت حملن ۽ ظالماڻي يلغار سان بار بار مدينه مُنوَّره جا دَر ۽ دِيوار لڏي چڪا هئا۔ حُضُور صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي پياري چاچي، حضرت سَيدُنَا حمزه رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْه جي قاتل ۽ سندن نڪ، ڪن ڪٽڻ وارا، سندن اکيون ڪڍڻ وارا، سندن جگر چٻائڻ وارا به ان مَجمَع ۾ مَوجُود ها، اهي سِتم گار جنهن شَمعِ نُبُوَّت جي جان نثار پروانن حضرت بلال، حضرت صُهيب، حضرت عَمّار، حضرت خَبَّاب، حضرت خُبَيب، حضرت زيد بن دَثِنَّه رَضِى اللّٰه تَعَالٰي عَنْهم وغيره کي رَسّين سان ٻڌي ڪري ڪوڙا هڻي هڻي تپندڙ ريت تي لٽايو هو، ڪنهن کي باھ جي ٻرندڙ ڪوئلن تي سُمهاريو هو، ڪنهن کي فراسين ۾ ويڙهي ناسن ۾