Lalach Ka Anjaam

Book Name:Lalach Ka Anjaam

ماري ڇڏيندو، عرض ڪيو ويو ان جو علاج ڇا آهي؟ فرمايائون حلال طريقي سان حاصل ڪرڻ ۽ ان جا حقوقِ واجبه (زڪوٰة وغيره) ادا ڪرڻ۔ ٭ حضرت سَيدُنا عَلاء بن زِياد رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: دنيا خوب سينگارجي منهنجي سامهون مثالي صـورت ۾ آئي، مون چيو، مان تنهنجي شر کان اللہ  تعاليٰ جي پناهه گهران ٿو، ان چيو جيڪڏهن توهان مون کان محفوظ رهڻ چاهيو ٿا ته درهم ۽ دينار (روپين پيسن) سان نفرت ڪيو ڇو ته درهم ۽ دينار اهي شيون آهن جن جي ذريعي ماڻهو هر قسم جي دنيا حاصل ڪندو آهي تنهنڪري جيڪو انهن ٻنهي (يعني درهم ۽ دينار) کان صبر ڪندو يعني پري رهندو، اهو دنيا کان به صبر ڪري وٺندو. ٭ سيّدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللہ  تَعَالٰی عَلَيْه عربي شعر نقل ڪيا آهن، انهن جو ترجمو هي آهي: ”مون ته (هي راز) ڄاڻي ورتو آهي ته پوءِ توهان به هن کان علاوه ڪجهه ٻيو گمان نه ڪريو ۽ هي نه سمجهو ته تقويٰ هن درهم(مال ۽ دولت) وٽ آهي پوءِ جڏهن توهان هن (مال) تي قادر هجڻ جي باوجود ان کي ڇڏي ڏيو ته ڄاڻي وٺو ته توهان جي تقويٰ هڪ مسلمان جي تقويٰ آهي. ڪنهن ماڻهوءَ جي قميص تي لڳل چتيون يا پنين کان مٿي ڪيل شلوار يا ان جي پيشاني جنهن تي (سجدن جا) نشان هجن، انهن کي ڏسي دوڪو نه کائجو بلڪ اهو ڏسجو ته هو درهم (مال ۽ دولت) سان محبت ڪري ٿو يا ان کان پري رهي ٿو. (احيا ءالعلوم،ڪتاب ذم البخل…الخ،۳/۲۸۸)

 

حُبِّ دنیا سے تُو بچا یاربّ       عاشقِ مُصْطَفٰے بنا یاربّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو اوهان! مال جي مَحَبَّت ڪهڙي منحوس آفت آهي۔ افسوس! صد ڪروڙ افسوس! اڄ اسان جو مُعاشَرو مال جي مَحَبَّت جي ڦهندي ۾ بُري طرح ڦاسي چُڪو آهي، جنهن کي ڏسو ان تي مال ۽ دَولت جمع ڪرڻ ۽ بينڪ بيلنس وڌائڻ جو جُنون سُوار آهي، پيسو هجي چاهي جهڙو هجيجهڙي بُري سوچ حلال ۽ حرام جي تميز ئي ختم ڪري ڇڏي آهي،