Lalach Ka Anjaam

Book Name:Lalach Ka Anjaam

ايترو مال گڏ ڪري ورتو جو ست پيڙهيون کائن تڏهن به ختم نه ٿئي پر مال گڏ ڪرڻ جو نَشو آهي جيڪو گھٽ ٿيڻ بدران وڌي ئي رهيو آهي، ڪيئي جائيدادون (Properties) ۽ ڪمپنيون ٺاهي ورتيون، ڊيڪوريشن سان آراسته گھر تعمير ڪري ورتا، بهترين مَلبُوسات سان اَلماريون ڀريون پيون آهن، دوڪان، فيڪٽريون، پيٽرول پمپس، هوٽلون ۽ مارڪيٽن مان لکين ڪرايو اچي رهيو آهي، عاليشان ڪارون، جديد ترين ليپ ٽاپ، آئي پيڊ، موبائلز ۽ جديد مشينون مَوجود آهن، پر لالچ گھٽ ٿيڻ بدران ويتر وڌندي پئي وڃي، لالچ خاطِر مِلاوٽ شده شيون خالص جڏهن ته ٻه نمبر شيون هڪ نمبر ظاهر ڪري وڪڻي مَعَاذَ اللہ  عَزَّوَجَلَّ ان کي خُدا جي فَضل جو نالو ڏنو پيو وڃي، عزّت ۽ شهرت ۽ مَنصب جي حُصول جي لالچ ۾ رِشوت ڏيڻ ۽ ٻين جو حق مارڻ کان به پاسو نه پيو ڪيو وڃي۔ پُرآسائش زندگي گذارڻ جي باوجود به ڪجهه هن طرح جون خواهشون دل ۾ مچنديون رهنديون آهن ته

اي ڪاش! مان به فُلاڻي وانگر سيٺ هجان هان، اي ڪاش! فُلاڻي وانگر مون وٽ به عاليشان بنگلو هجي هان، اي ڪاش! مان به فُلاڻي جيان مُختلِف مُلڪن ۽ شهرن جي نظاري جي قُدرت رکان هان، اي ڪاش! مان به فُلاڻي جيان ٺٺ سان زندگي گُذاريان هان، اي ڪاش! مان به فُلاڻي وانگر مَنصَب ۽ وَزارت جا مزا ماڻيان هان، اي ڪاش! مان به فُلاڻي جيان جائيدادن جو مالڪ هجان هان، اي ڪاش! مون وٽ به فُلاڻي جيان جديد ترين ڪارون، اسڪوٽر ۽ ٻيون سَهولتون هجن هان، اي ڪاش! فُلاڻي وانگر منهنجي شُهرت جي به هاڪ هر پاسي ٿي وڃي هان وغيره وغيره۔

اسان غور ڪريون ته ڪڏهن نيڪ ماڻهن ۽ سُنَّتن تي عمل ڪرڻ وارن کي ڏسي ڪري به ڇا اسان جي دل ۾ سنّتن تي عمل ۽ نيڪيون ڪرڻ جو حِرص پيدا ٿيو؟ ،عاشِقانِ رسول کي خَوفِ خدا ۽ عِشقِ مُصطَفٰي ۾ روئيندو ڏسي ڇا اسان به اُنهن جهڙا ٿيڻ جي تمنّا ڪئي؟ زائرينِ مڪه و مدينه کي ڏسي ڇا اسان ۾ به زِيارتِ حَرَمَين شَرِيفَين جي لاءِ بيقَراري پيدا ٿي؟، ڪنهن کي فَرض