Lalach Ka Anjaam

Book Name:Lalach Ka Anjaam

نَمازن، تَهجُّد، اِشراق ۽ چاشت، اَوَّابِين ۽ صَلَاة التَّوبَه پڙھندي ڏسي ڇا اسان ۾ به هنن نَمازن جي اِهتمام جو جذبو بيدار ٿيو؟، ڪنهن کي تلاوتِ قُرآن ڪندي ڏسي اسان جي دل ۾ به تلاوتِ قُرآن جو حِرص پيدا ٿيو؟، قرآن جي حافظن ۽ ديني شاگردن کي ڏسي ڇا اسان جي اندر به حِفظِ قُرآن ۽ عِلمِ دِين جي حُصول جي تَڙپ پيدا ٿي؟، مَدَني اِنعامات جي عامِلِين ۽ مَدَني قافِلن جي مسافِرن کي ڏسي ڇا اسان جي دل ۾ مَدَني اِنعامات تي عمل ۽ مَدَني قافِلن ۾ سَفَر ڪرڻ جي تڙپ پيدا ٿي، 12مَدَني ڪم ڪرڻ، سُنّتن ڀري اِجتماعن ۽ مَدَني مُذاڪرن ۾ شرڪت ڪرڻ وارن عاشِقانِ رسول کي ڏسي ڇا اسان ۾ به هنن مَدَني ڪمن کي ڪرڻ جو حِرص پيدا ٿيو۔؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان مان اهي خوش نصيب جيڪي مختلف تنظيمي ذميدارين تي دين جي خدمت ڪري رهيا آهن، اسان سڀ غور ڪريون ته جيڪا منهنجي ذميداري آهي، ڇا مان ان جي مطابق وقت ڏئي رهيو آهيان يا نه؟ پنهنجي ذميداري جا فرض پورا ڪري رهيون آهيان يا نه؟ منهنجي شهر، علاقي، ڳوٺ ۾ 12 مدني ڪمن جي ڌوم ڌام آهي يا نه؟ نون نون اسلامي ڀائرن تي انفرادي ڪوشش ڪري انهن کي به مدني ماحول سان وابسته ڪري عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوت اسلامي جو مدني ڪم ڪرڻ وارو بڻائڻ جو جذبو آهي يا نه؟ جيڪڏهن جواب نه ۾ آهي ته اسان کي ان جو به حرص هجڻ گهرجي ته اي ڪاش! منهنجي ذميداري جي عرصي ۾ هرطرف سنتن جي مدني بهار اچي وڃي، مسجدون نمازين سان ڀرجي وڃن، هر طرف مدني قافلن جون بهارون اچي وڃن، منهنجي ذمي جيڪي هدف آهن، اهي پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃان، اللہ  ڪريم اسان کي مدني ڪم ڪرڻ جي حرص نصيب فرمائي. اٰمين

 مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪين جي حِرص ۾ دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جڏهن ته مال جي مَحَبَّت ۽ لالچ ۾ دِين ۽ دُنيا جي تباهي ۽ بَربادي آهي، انسان مال جي لالچ ۾ مُبتَلا ٿي ڪڏهن ڪڏهن ڪوڙ جهڙي بُري بيماري ۾ مُبتَلا