Lalach Ka Anjaam

Book Name:Lalach Ka Anjaam

درياهه جي ٻئي ڪناري پهچي ويا. پاڻ عَلَيه السَّلَام ان شخص کي فرمايائون، توکي ان رب پاڪ جو قسم جنهن مونکي هي معجزو ڏيکارڻ جي قدرت عطا ڪئي، سچ ٻُڌاءِ، ته اها ٽئين ماني ڪيڏانهن وئي؟ ان چيو مون کي خبر ناهي، فرمايائون، اچو اڳتي هلونهلندي هلندي هڪ ريگستان ۾ پهتا، پاڻ عَلَيه السَّلَام واريءَ جو هڪ ڍير بڻايو ۽ فرمايو، اي واريءَ جا ڍير! اللہ  عَزَّوَجَلَّ جي حڪم سان سون بڻجي وڃ! ”اهو هڪدم سون بڻجي ويو، پاڻ عَلَيه السَّلَام ان جا ٽي حصا ڪيا، پوءِ فرمايائون،هي هڪ حصو منهنجو آهي ۽ هڪ حصو توهان جو ۽ هڪ ان جو جنهن اها ٽئين ماني کنئي،اهو ٻُڌندي ئي ان شخص جلديءَ ۾ چيو، يا روح اللہ ! اها ٽئين ماني مون ئي کنئي هئيپاڻ عَلَيه السَّلَام فرمايو،هي سڄو سون تون ئي کڻ ايترو فرمائي ان کي ڇڏي اڳتي تشريف کڻي ويا، اهو شخص سون کي چادر ۾ ويڙهي اڪيلو ئي روانو ٿي ويو، رستي ۾ ان کي ٻه شخص مليا، انهن جڏهن ڏٺو ته هن وٽ سون آهي ته ان کي قتل ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا ته جيئن سون حاصل ڪـريون، ان شخــص جـان بچائڻ خاطر چيو، توهان مون کي ڇو ٿا قتل ڪريو! اسان هن سون کي ٽي حصا ٿا ڪريون ۽ هڪ هڪ حصو ورهائي کڻون ٿا، اهي ٻئي شخص ان تي راضي ٿي ويا. ان شخص چيو،بهتر هي آهي ته اسان مان هڪ ڄڻو ٿورو سون کڻي ڪري ويجهو واري شهر ۾ وڃي ۽ کاڌو وٺي اچي ته جيئن کائي پي ڪري سون ورهايون.“ پوءِ انهن مان هڪ شخص شهر پهتو، کاڌو خريد ڪري واپس ٿيڻ لڳو ته ان سوچيو بهتر هي آهي ته کاڌي ۾ زهر ملائي ڇڏيان ته جيئن اهي ٻئي کائي مري وڃن ۽ سڄو سون منهنجو ٿي وڃي اهو سوچي ڪري ان زهر خريد ڪري کاڌي ۾ ملائي ڇڏيو. هوڏانهن انهن ٻنهي سازش ڪئي ته جيئن ئي هو کاڌو وٺي ايندو ته اسان ٻئي ملي ڪري ان کي ماري ڇڏينداسين ۽ پوءِ سڄو سون اڌ اڌ ڪري ورهائينداسين، پوءِ جڏهن اهو شخص کاڌو وٺي آيو ته ٻنهي ان تي اوچتو حملو ڪيو ۽ ان کي قتل ڪري ڇڏيائون، ان کانپوءِ خوشي سان کاڌو کائڻ لاءِ ويٺا ته زهر پنهنجو ڪم ڏيکاريو ۽ هي ٻئي به تڙپي تڙپي