Lalach Ka Anjaam

Book Name:Lalach Ka Anjaam

پنهنجو هر مُعامَلو ان جي حوالي ڪرڻ۔ (رساله قشيرية،ص۲۰۳) ٭ دُنياوي شين ۾ قَناعت ۽ صَبر چڱو آهي پر آخِرَت جي شين ۾ حِرص ۽ بي صَبري اعليٰ آهي، دِين جي ڪنهن دَرَجي تي پهچي قَناعت نه ڪريو اڳتي وڌڻ جي ڪوشِش ڪريو۔ (مرآة المناجيح،۷/۱۱۲) ٭ لالچ نهايت ئي بُري خَصلَت ۽ نِهايت خراب عادت آهي، اللہ  پاڪ جي طرفان ٻانهي کي جيڪو رِزق ۽ نعمت ۽ مال ۽ دَولت يا عزّت ۽ رتبو مِليو آهي، انهيء تي راضِي ٿي قَناعت ڪرڻ گھرجي۔ (جنتي زيور،۱۱۰ ملخصاً) ٭ جنهن جون لالچ ڀريون نگاهون ماڻهن جي مال کي ڏسنديون رهن اهو هميشه غمگين رهندو۔ (رساله قشيرية،۱۹۸) ٭ بَلعَم بن باعُوراء جيڪو تمام وڏو عالِم ۽ مُستَجَابُ الدَّعَوات هو، حِرص ۽ لالچ ان کي دنيا ۽ آخرت ۾ تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو۔ (ملفوظات اعليٰ حضرت،ص۳۶۷ ماخوذاً) ٭ اللہ  پاڪ فرمائي ٿو: اهو شخص منهنجي ويجھو سڀ کان وڌيڪ مالدار آهي جيڪو منهنجي ڏنل شين تي سڀ کان وڌيڪ قَناعت ڪرڻ وارو آهي۔ (ابنِ عساڪر ،موسيٰ بن عمران بن يصھر بن قاھث،۶۱/ ۱۳۹ملخصاً) 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب بهار شريعتحصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتابسنتیں۽آدابهديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

 

مجھ کو جذبہ دے سفر کرتا رہوں پَروَردگار                 سُنّتوں کی تَرْبِیَت کے قافِلے میں بار بار

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد