Book Name:Lalach Ka Anjaam
وَ لَا یَحِیْقُ الْمَكْرُ السَّیِّئُ اِلَّا بِاَهْلِهٖؕ-(پ۲۲،فاطر:۴۳)
تَرجمو ڪنز الايمان: ۽ بري سازش نه پوندي آهي پر سازش واري تي
(تفسير قرطبي،فاطر، تحت الآية: ۴۳، ۷/۲۶۱ملخصاً)
امام زُهري رَضِىَ اللہ تَعَالٰى عَنْه کان روايت آهي ته نبي اَڪرم صَلَّى اللہ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: توهان ڪنهن جي خلاف سازِش نه ڪريو ۽ نه ئي ڪنهن سازِش ڪرڻ واري جي مدد ڪريو ڇاڪاڻ ته اللہ پاڪ اِرشاد فرمائي ٿو:
وَ لَا یَحِیْقُ الْمَكْرُ السَّیِّئُ اِلَّا بِاَهْلِهٖؕ- (پ۲۲،فاطر:۴۳)
تَرجمو ڪنز الايمان: ۽ بري سازش نه پوندي آهي پر سازش واري تي
(تفسير قرطبي، فاطر، تحت الآية: ۴۳، ۷/۲۶۱)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! حِرص ۽ لالچ پاڻ ۾ مُتَرَادِف يعني ٻه اهڙا لفظ آهن جن جي معنيٰ ساڳي آهي، لالچ اردو زبان جو جڏهن ته حِرص عَرَبي زبان جو لفظ آهي۔حِرص ۽ لالچ ڪنهن شيء جي وڌيڪ خَواهش ڪرڻ جو نالو آهي ۽ اها ڪنهن به شيء جي ٿي سگھي ٿي، جيئن ته
حڪيم الاُمَّت حضرت مُفتي اَحمد يار خان رَحْمَةُ اللہ تَعَالٰی عَلَيْه اِرشاد فرمائن ٿا: ڪنهن شيء مان دل نه ڀرجڻ ۽ هميشه زيادَتي جي خَواهش رکڻ کي حِرص ۽ حِرص رکڻ واري کي حَرِيص(Greedy) چند آهن۔(مرآۃ المناجیح،۷/۸۶ بتغیر) تنهنڪري وڌيڪ مال جي خَواهش رکڻ واري کي ”مال جو حَرِيص“ چونداسين، وڌيڪ کائڻ جي خَواهش رکڻ واري کي ”کاڌي جو حَرِيص“ چيو ويندو، نيڪين ۾ اِضافي جي تَمَنَّا ڪرڻ واري کي”نيڪين جو حَرِيص“ جڏهن ته گناهن جو بوج وڌائڻ واري کي ”گناهن جو حَرِيص“ چونداسين۔ شَيخُ الحَدِيث حضرت علّامه عَبدالمُصطَفٰي اَعظَمِيرَحْمَةُ اللہ تَعَالٰی عَلَيْه لکن ٿا: لالچ ۽ حِرص جو جذبو خوراڪ، لباس، گھر، سامان، دَولت، عِزَّت، شُهرت مطلب ته هر نعمت ۾ ٿيندو آهي۔
(جنتی زیور ،ص۱۱۱ملخصًا۔فیضان ریاض الصالحین،ص۲۷۸)