Lalach Ka Anjaam

Book Name:Lalach Ka Anjaam

ڪٽيو ۽ اُن جا ڏند ڀڃين وڌا۔ تڏهن اهو غريب دل ئي دل ۾ تَوبه ڪندي چوڻ لڳو ته منهنجي پيءُ جي پيار سان ڏنل دال ماني هن مار ڪُٽ ۽ ذِلّت واري سڻڀي گرھ کان بهتر آهي، جيڪڏهن مان سٺو کائڻ پيئڻ جو حرص نه ڪيان هان ته اڄ ايتري مار نه کاوان هان ۽ منهنجا ڏند نه ٽٽن هان۔ (حرص،ص۲۱۸)

                       مال کی حِرْص مت کرو اِس میں

دو جہاں کا وبال رکھا ہے

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                 صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل حِڪايت ۾ خاص ڪري اُن ماڻهن جي لاءِ عبرت جا مدني گل آهن ته جيڪي مال ۽ دَولت يا عزت ۽ مَنصَب وغيره جي هوَس ۾ پنهنجي آخرت کي داءُ تي لڳائي ڇڏيندا آهن، دَر دَر جا ڌڪا کائيندا آهن ۽ پوءِ بعد ۾ پڇتائيندا آهن۔ ياد رکو! اللہ  پاڪ جنهن جو جيترو رِزق لکيو آهي ان کي اهو ضرور ملندو، تنهنڪري عافِيت انهيءَ ۾ آهي ته جيترو اللہ  پاڪ اسان کي نوازيو آهي اسان ان تي قناعت ڪرڻ سکون، ڪفايت مطابق ئي روزي ڪمايون ۽ وڌيڪ جي لالچ جو خيال به پنهنجي دل ۽ دماغ مان ڪڍي ڇڏيون، ڇوته اِنساني فِطرَت ۾ اها ڳالھ شامِل آهي ته جيڪڏهن ان وٽ مال ۽ دَولت جو کوڙ سارو خزانو به هٿ لڳي وڃي تڏهن به ان جو حِرص پُورو نٿو ٿي سگھي ۽ وڌيڪ مال ۽ دَولت جي تَمَنَّا ان جي دل ۾ باقي رهندي، جيئن ته

رَحمتِ عالَم صَلَّى اللہ  تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: پُوڙھي جو دل ٻن (2) شين جي مَحَبَّت ۾ جوان ئي رهندو آهي: (1) زندگي ۽ (2) مال جي مَحَبَّت۔ (مسلم،ڪتاب الزڪاة، باب ڪراھة الحرص…الخ،ص۴۰۳، حديث:۱۰۴۶) هڪ ٻي هنڌ تي اِرشاد فرمايايو: جيڪڏهن اِبنِ آدم وٽ سون جي هڪ وادِي هجي ته چاهيندو ته ان وٽ ٻه (2) واديون هجن ۽ ان جي مُنهن کي مٽّي جي سِوا ڪا شيء نٿي ڀري سگھي ۽ جيڪو اللہ  پاڪ کان تَوبه ڪري ته اللہ  ڪريم ان جي تَوبه قَبول ڪندو آهي۔

 (مسلم،ڪتاب الزڪاة، باب لو أن لابن آدم… الخ ، ص۴۰۴، حديث:۱۰۴۹)