Ramazan Ki Amad Marhaba

Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

ڪريو: (1) فرمايائون: جنهن شخص ايمان سان ثواب حاصل ڪرڻ جي نيّت سان اعتڪاف ڪيو ان جا تمام پويان گناهه بخشيا ويندا۔ (جامع صغير، ص۵۱۶، حديث:۸۴۸۰) (2) فرمايائون: جنهن رَمَضانُ المبارَڪ ۾ 10 ڏينهن اِعتڪاف ڪري ورتو اهو ائين آهي جيئن ٻه حج ۽ ٻه عُمرا ڪيا۔ (شعب الايمان،الرابع والعشرين من شعب الايمان،۳/۴۲۵،حديث: ۳۹۶۶) ٭ رَمَضانُ المبارَڪ جي آخري عَشَري (ڏهي) جو اِعتڪاف سُنّتِ مُؤَڪدَه عَلَي الْڪفَايه آهي، (يعني) جيڪڏهن سڀ ترڪ ڪن ته سڀني کان مُطالَبو ٿيندو ۽ شهر ۾ هڪ ڪري ورتو ته سڀئي بَرِي الذِّمَّه ٿي ويندا۔ (فيضانِ رمضان ،ص ۲۳۵) ٭ نَفلي اِعتڪاف جي لاءِ نه روزو شرط آهي نه ڪا وَقت جي قيد جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو ته اِعتڪاف جي نِيت ڪري وٺو۔ (فيضانِ رمضان،ص ۲۳۵ملخصاً) ٭ رَمَضانُ المبارَڪ ۾ اِعتڪاف ڪرڻ جو سڀ کان وڏو مَقصَد شبِ قَدر جي تلاش آهي۔ (فيضانِ رمضان،ص ۲۳۲) ٭ سڀ کان افضل مسجد حرم شريف ۾ اِعتڪاف آهي پوء مسجدِ نَبَوِي ۾ پوءِ مسجدِ اَقصيٰ (يعني بَيتُ المَقدِس) ۾ پوءِ اتي جتي وڏي جماعت ٿيندي هجي۔ (فيضانِ رمضان، ص۲۴۰) ٭ مُعتَڪف اِعتڪاف جي ڪري جن نيڪين کان محروم ٿي ويو جيئن زيارتِ قُبور، مسلمانن سان ملاقات، بيمار جي تيمارداري، نمازِ جنازه ۾ حاضِري ان کي هنن سڀني نيڪين جو ثواب انهيء طرح ملندو آهي جيئن هي ڪم ڪرڻ وارن کي ثواب ملندو آهي۔ (مرآة المناجيح،۳/۲۱۷) ٭ اسلامي ڀينرون مسجدِ بَيت ۾ اِعتڪاف ڪن، مسجدِ بَيت ان جڳھ کي چوندا آهن جيڪا عَورَت گھر ۾ پنهنجي نماز جي لاءِ مخصوص ڪندي آهي۔ (فيضانِ رمضان،ص ۲۸۹) ٭ اِعتڪاف جي دوران ٻن سببن جي ڪري مسجد مان ٻاهر نڪرڻ جي اجازت آهي۔ (1) حاجتِ شرعي مثال طور جُمعه نماز ادا ڪرڻ جي لاءِ وڃڻ۔ (2) حاجتِ طبعي يعني اها ضَرورت جنهن جي بِغير چارو ناهي، مثال طور پَيشاب، پاخانو وغيره۔ (فيضانِ رمضان،ص ۲۶۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد