Ramazan Ki Amad Marhaba

Book Name:Ramazan Ki Amad Marhaba

سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! اللہ  پاڪ جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي اللہ  پاڪ جي هن مهيني يعني رمضان المبارڪ سان ڪيتري قدر عقيدت ۽ الفت هئي جو جيئن ئي هن مبارڪ مهيني جي آمد جا آثار نظر ايندا هئا ته رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڻ به هن برڪت واري مهيني جو نهايت شان ۽ شوڪت سان استقبال فرمائيندا هئا ۽ پنهنجي صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ جي سامهون به هن مبارڪ مهيني جي شان ۽ عظمت، فضائل ۽ برڪتون ۽ دل کي وڻندڙ وصفن کي بيان فرمائي هن جي اهميت کي واضح فرمائيدا هئا ۽ انهن کي به مختلف نيڪ عمل ڪرڻ جو مدني ذهن عطا فرمائيندا هئا. تنهنڪري اسان کي به گهرجي ته اسان به مسلمانن کي هن مبارڪ مهيني جي مبارڪ ڏيون، اسان پاڻ به هن مهيني ۾ عبادتون ڪيون، ۽ ٻين کي به هن مهيني جي اهميت، هن جا فضائل ۽ هن جي برڪتن سان آگاهه ڪري انهن کي به نيڪيون جمع ڪرڻ جي لاءِ ذهن ڏيندا رهون. اللہ  ڪريم اسان کي ماهه رمضان جي حقيقي برڪتون نصيب فرمائي .  اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِ الْاَمِیْن صَلَّی اللّٰہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ واٰلِہٖ وَسَلَّمَ

ہر گھڑی رَحمت بھری ہے ہر طرف ہیں بَرکتیں          ماہِ رَمَضاں رَحمتوں اور بَرکتوں کی کان ہے

آگیا رَمَضاں عبادت پر کَمر اب باندھ لو       فَیْض لے لو جلد یہ دن تیس کا مہمان ہے

عاصِیوں کی مَغْفِرت کا لیکر آیا ہے پَیام                           جُھوم جاؤ مُجرمو! رَمَضاں مَہِ غُفران ہے

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۷۰۶-۷۰۵)

رمضاں کی آمد مرحبا---سحری کی آمد مرحبا---اِفطارکی آمدمرحبا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                   صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هونءَ ته ربِّ ڪريم جا اسان تي بيشمار اِحسان آهن، سڄي سال جا ٻارهن مهينا رب جي عطائن ۽ نوازشن جا دروازا اسان گناهگارن جي لاءِ ڏينهن رات کليل رهندا آهن، پر رَمَضان ربِّ ڪريم جي اها عظيم نعمت