Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

آهي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا پنهنجي بابا جان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ادب ۽ احترام ڪنديون هيون، حُسنِ سُلُوڪ سان پيش اينديون هيون، جڏهن ڏُکايل دِلين جي چين، ناناءِ حسنين صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تشريف آوري ٿيندي هئي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم جي لاءِ بيهي رهنديون هيون۔ جيئن ته

آمدِ مُصطفيٰ تي استقبال ڪرڻ

      اُمُّ المؤمنين حضرت سَيدَتُناعائشه صديقه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا فرمائن ٿيون: جڏهن خاتُونِ جنَّت حضرت ِسَيدَتُنا فاطمة الزهره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا حُضُور عَلَيه السَّلَام جي خِدمَت ۾ حاضِر ٿينديون هيون۔ ته رحمت عالم عَلَيه السَّلَام ان جي لاءِ بيهي رهندا هئا ۽ انهن جو هٿ پڪڙي ان کي چمي ڏيندا هئا پنهنجي جڳھ تي انهن کي ويهاريندا هئا۔ اهڙي طرح جڏهن حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرتِ فاطمه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا وٽ تشريف کڻي ويندا هئا ته پاڻ به بيهي رهنديون هيون ۽ هٿ مُبارڪ کي چمي ڏينديون هيون ۽ پنهنجي جڳھ تي حُضُور کي ويهارينديون هيون۔

                                      (مشڪاة، ڪتاب الآداب ،باب المصافحة والمعانقة، ۲/۱۷۱، حديث: ۴۶۸۹) 

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! خبر پئي ته پاڻ ڪيتري بهترين انداز ۾ پنهنجي والدِ محترم، حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ادب ۽ احترام ڪنديون هيون، تڏهن ته پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ به حضرت فاطمه سان بي پناھ محبت ڪندا هئا ايستائين جو هڪ موقعي تي سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: فَاِنَّمَا ابْنَتِي بِضْعَة مِنِّي، يرِيبُنِي مَا رَابَھَا، و يؤذِينِي مَا اَذَاْھَا يعني بيشڪ منهنجي نياڻي فاطمه منهنجي جگر جو ٽڪر آهي۔ جنهن ان کي بي چين ڪيو ان مون کي بي چين ڪيو ۽ جنهن ان کي تڪليف ڏني ان مون کي تڪليف پهچائي۔

                                      )مسلم،ڪتاب فضائل الصحابة،باب فضائل فاطمة، حديث:۶۳۰۷، ص۱۰۲۱ (

                اسان کي به گھرجي ته اسان به پنهنجي والدين کي خوش رکون، انهن جو هر جائز حڪم مڃون، انهن جو ادب ۽ احترام ڪريون ۽ انهن سان تمام سٺي