Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

سلوڪ سان پيش اچون۔ اهڙي طرح پنهنجي پٽن سان گڏوگڏ نياڻين سان به محبت ڀريو سلوڪ ڪريون، انهن جي جائز خواهشن کي پورو ڪريون ۽ انهن جي دلجوئي ڪندا رهون۔

 

میری آنے والی نسلیں ترے عشق ہی میں مچلیں         انہیں نیک تُو بنانا مدنی مدینے والے!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

خاتونِ جنت ۽ غريبن جي غمخواري 

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سيده خاتونِ جنت رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي شان ۽ عظمت جو هڪ پهلو هي به آهي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا هميشه سادگي اختيار ڪنديون هيون، غريبن سان غمخواري ۽ ملنساري سان پيش اينديون هيون، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا گھٽ کاڌو کائينديون هيون، جيڪو ملندو هو ان کي ٻين تي قربان ڪنديون هيون ۽ پاڻ فقر ۽ فاقي جي زندگي گذارينديون هيون، جنهن گھر ۾ رهنديون هيون اتي زيب ۽ زينت(Decoration) جو نالو نشان تائين نه هو، قيمتي ۽ خوبصورت بستر ته پري جي ڳالھ آهي اتي ته ڪڏهن عام بستر به مشڪل سان ملندو هو، پر ان جي باوجود پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا پنهنجي دروازي تي اچڻ واري سوالي کي خالي هٿين نه موٽايو ۽ اِيثار ۽ سخاوت جا اهڙا مثال قائم ڪيا جو جن بابت ٻڌي عقل دنگ رهجي ويندا آهن، جيئن

فاطِمه جو اِيثار ۽سخاوت

      حضرتِ سيدُنا عبدُاللہ  اِبنِ عباس فرمائن ٿا: بني سُليم مان هڪ شخص بارگاھِ رسالتِ مآب ۾ اچي گستاخي ڪئي: ته حضور نبي ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي ارشاد فرمايو: تون آخِرت جي عذاب کان ڊڄ، دوزخ کان خوف رک، خُدا وَحدَه لاَشَرِيڪ جي عبادت ڪر ۽ مان اللہ  ڪريم جو ٻانهو ۽ ان جو رسول آهيان، رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حُسنِ اَخلاق ۽ مؤثر ڪلام کان متاثر