Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

ٿي هو غير مسلم انهيءَ وقت مسلمان ٿي ويو، پوءِ سرڪارصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: تو وٽ ڪيترو مال آهي؟ ان عرض ڪيو:يارَسُولَ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ!خدا جو قسم! بنوسُلَيم ۾ 4 هزار ماڻهو آهن، پر ان قبيلي ۾ مون کان وڌيڪ غريب ۽ مسڪين ڪو به ناهي۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي ارشاد فرمايائون: توهان مان ڪو اهڙو شخص آهي جيڪو هن کي هڪ اُٺ (Camel) خريد ڪري ڏي؟

حضرتِ سيدُنا سعد بن عباده رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ پنهنجي ڏاچي ان کي ڏئي ڇڏي۔ پوءِ ارشاد فرمايائون: ڪير آهي جيڪو هن جو مٿو ڍڪي؟ ته اميرالمؤمنين موليٰ مشڪل ڪشا، حضرتِ سيدُنا علي المرتضي کرَّمَ اللّٰه تَعَالٰي وَجْهه الْکرِيم پنهنجو عمامو ان کي ڏئي ڇڏيو۔ حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: ڪير آهي جيڪو هن جي لاءِ کاڌي جو اِنتِظام ڪري؟ حضرتِ سيدُنا سلمان فارسيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ اٿيا ۽ ڪجھ گھرن ڏانهن ويا پر ڪجھ نه مليو۔ پوءِ نُورِ مصطفٰي حضرتِ سيدَتُنا فاطمة الزهره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي گھر تي حاضر ٿي دروازو کڙڪايو۔ پاڻ پڇيائون ڪير آهي؟ عرض ڪيائون! سلمان آهيان۔ فرمايائون: ڪيئن اچڻ ٿيو ؟ پاڻ سڄو واقعو ٻڌايو۔ اهو ٻڌي پاڻ غمغين ٿي ويون ۽ فرمايائون: اي سلمان! خُدا جو قسم! جنهن منهنجي پيءُ کي رسول بڻائي موڪليو! اڄ ٽيون ڏينهن آهي، گھر ۾ سڀئي فاقي سان آهن پر دروازي تي آيا آهيو، خالي ڪيئن موٽايان؟ هي چادر کڻي وڃو ۽ شمعون نالي غيرمسلم وٽ وڃي چئو: فاطمه بنتِ محمد جي چادر رک ۽ ڪجھ جَو قرض ڏيو۔ حضرتِ سيدُنا سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ ان چادر کي کڻي ان وٽ ويا ۽ سمورو واقعو بيان ڪري ٻڌايو۔ شمعون ڪجھ دير ان مبارڪ چادر کي ڏسندو رهيو، ان وقت ان تي هڪ ڪيفيت طاري ٿي وئي ۽ چوڻ لڳو: اي سلمان! هي اهي ئي مقدَّس ماڻهو آهن جن جي خبر اللہ  پاڪ پنهنجي نبي موسيٰعَلَيه السَّلَام کي توريت ۾ ڏني آهي، مان سچي دل سان حضرتِ سيدَتُنا فاطمه جي پيءُ مُحمَدٌ رَّسُولُ اللہ  تي ايمان آڻيان ٿو۔