Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

      هي چئي ڪري ان ڪلمو پڙھيو ۽ مسلمان ٿي ويو ان کان پوءِ ان حضرتِ سيدُنا سلمانرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ کي جَو ڏنا ۽ نهايت ادَب واِحتِرام سان چادر مبارَڪ موٽائي ڏني۔ خاتونِ جنّت شمعون کي دُعاءِ خير ڏني ۽ جَوَ پيهي کاڌو تيار ڪري حضرتِ سيدُناسلمان فارسيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ کي ڏئي ڇڏيو۔ حضرت سيدُناسلمان فارسيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ عرض ڪيو: هن مان ڪجھ گھر لاءِ رکي ڇڏيو۔ فرمايائون: بس راھ خدا ۾ ڏيڻ جي نيت سان گھرايو ۽ پچايو آهي، هاڻي هن مان وٺڻ دُرُست نه آهي۔

      حضر تِ سيدُنا سلمان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ کاڌو وٺي بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿي ويو ۽ سڄو قصّو به عرض ڪيائين۔ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اها ماني نومسلم(New Muslim) کي عطا ڪئي ۽ پنهنجي نورِنظَر حضرتِ سيدَتُنا فاطمه وٽ تشريف فرما ٿيا ته ڏٺائون بک سبب سندن چهرو پيلو ٿي رهيو آهي ۽ ڪمزوري (Weakness) جا آثار نمايان آهن۔ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي نياڻي فاطمه کي ويهاري تسلي ڏني ۽ دُعا فرمائي: اي اللہ ! فاطمه تنهنجي ٻانهيء آهي تون هن سان راضي رهجان۔       (سفينهٔ نُوح،حصّه دُوُم، ص۳۳ملخصاً)

بھوکے رہ کے خود اَوروں کو کھلا دیتے تھے

 

کیسے صابِر تھے محمّد کے گھرانے والے!

       اي عاشقانِ اهلِ بيت! ڏٺو اوهان! خاتونِ جنّت حضرتِ سيدَتُنا فاطمهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جو ايثار ۽ سخاوت ته پاڻ فاقي سان آهن، گھر ۾ کائڻ لاءِ ڪجھ ناهي پر سخاوت ۽ ايثار جو اهڙو زبردست جذبو جو غريب نئين مسلمان (New Muslim) جي حاجت پوري ڪرڻ خاطر قرض وٺڻ جي لاءِ پنهنجي مبارڪ چادر گِروي رکائي رهيون آهن ۽ جڏهن حضرتِ سيدُنا سلمان فارسيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ کاڌي مان ڪجھ گھر جي لاءِ رکڻ بابت عرض ڪيو ته فرمائڻ لڳيون: مون اهو کاڌو راھ خدا ۾ خيرات ڪرڻ جي نيت سان پچايو آهي۔

       سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه عَزَّوَجَلَّ! هڪ پاسي خاتونِ جنترَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جو پاڪيزه عمل ۽ ٻي پاسي اسان جي حالت جو اسان ته پنهنجن ئي مسلمان ڀائرن کي ڦري رهيا آهيون،