Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

جيڪڏهن ڪڏهن ڪو حاجت مند اچي ته پهريان ته چار ڳالهيون ٻڌائيندا آهيون ۽ جيڪڏهن ڪجھ ڏيون به ته بعد ۾ ماڻهن اڳيان ان کي ذليل ۽ رُسوا ڪندا آهيون، ان جي عزّت کي پامال ڪندا آهيون، طرح طرح جون ڳالهيون ڪندا آهيون۔ ياد رکو! جڏهن به ڪنهن سوالي يا حاجت مند کي ڪجھ ڏيڻ جو موقعو ملي ته اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي ته جنهن سان اڳيان واري جي دل آزاري يا ان جي ذِلّت ۽ رُسوائي ٿيندي هجي بلڪ اللہ  ڪريم جو شڪر ادا ڪريون ته اللہ  پاڪ ڪنهن غريب جي حاجت روائي جي توفيق عطا فرمائي، ڇاڪاڻ ته ٻانهو جڏهن ڪنهن جي حاجت پوري ڪندو آهي ته اللہ  ڪريم ان کي بيشمار انعام عطا ڪندو آهي، اچو! مسلمانن جي حاجت روائي ڪرڻ جي فضيلتن تي مشتمل (3) فرمانِ مصطفيٰصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا۔ جيئن

حاجت پوري ڪرڻ جون فضيلتون:

1    ارشاد فرمايائون: جيڪو منهنجي ڪنهن اُمّتي جي حاجت پوري ڪري ۽ ان جي نيت اها هجي ته ان ذريعي ان اُمّتي کي خوش ڪري ته ان مون کي خوش ڪيو ۽ جنهن مون کي خوش ڪيو ان اللہ  پاڪ کي خوش ڪيو ۽ جنهن اللہ  پاڪ کي خوش ڪيو ته اللہ  ڪريم ان کي جنت ۾ داخل ڪندو۔ (شعب الايمان، الثالث والخمسون من شعب الايمان۔۔ الخ، ۶/۱۱۵،حديث: ۷۶۵۳) 

2    ارشاد فرمايائون: ٻانهو جيستائين پنهنجي ڀاءُ جي حاجت پوري ڪرڻ ۾ لڳل رهندو آهي، اللہ  پاڪ ان جي حاجت پوري ڪندو رهندو آهي۔

                    (مجمع الزوائد، ڪتاب البر والصلة، باب فضل قضاء الحوائج ، ۸ / ۳۵۳،حديث: ۱۳۷۲۳)

3    ارشاد فرمايائون: جيڪو پنهنجي ڪنهن اسلامي ڀاءُ جي حاجت روائي جي لاءِ هلندو آهي، اللہ  پاڪ ان جي پنهنجي جڳھ تي واپس موٽڻ تائين ان جي هر قدم تي ان جي لاءِ ستر (70) نيڪيون لکندو آهي ۽ ان جي 70 گناهن کي مٽائيندو آهي۔ پوءِ جيڪڏهن ان جي هٿان اها حاجت پوري ٿي