Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

وئي ته اهو پنهنجن گناهن مان ائين نڪري ويندو آهي، جيئن ان ڏينهن هو، جنهن ڏينهن ان جي ماءُ ان کي ڄڻيو هو ۽ جيڪڏهن ان دوران ان جو انتقال ٿي ويو ته هو بغير حساب جنت ۾ داخل ٿيندو۔

 (التر غيب والترھيب،ڪتاب البر والصلة،باب الترغيب في قضاء حوائج المسلمين۔۔۔الخ،۳ /۳۱۷، حديث:۴۰۲۲)

تو بے حساب بخش کہ ہیں بے حساب جُرم           دیتا ہوں واسطہ تجھے شاہِ حجاز کا

دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گھرجي ته غريب ۽ مستحق ماڻهن جي مدد ڪرڻ سان گڏوگڏ جيتري قدر ٿي سگھي مدني عطيات جي ذريعي پنهنجي دعوتِ اسلامي سان به تعاون ڪريون ڇوته دعوتِ اسلامي خدمتِ دِين جي تقريباً 104 کان وڌيڪ شعبن کي هلائڻ جي لاءِ ڪروڙين نه بلڪ اربين روپين جا اَخراجات هوندا آهن، جيڪي مُخَير حضرات جي تَعاوُن سان ئي پُورا ٿيندا آهن۔ ياد رکو! دعوتِ اسلامي، دِينِ اسلام جي پيغام کي عام ڪرڻ واري مدني تحرريڪ آهي۔ ان سان جاني ومالي، ڪنهن به قسم جو تَعاوُن ڪرڻ، حقيقتاً دِينِ اسلام ئي جي مدد ڪرڻ آهي ۽ جيڪو دينِ اسلام جي مدد ڪندو آهي، ان جي باري ۾ الله عَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو :

وَ لَیَنْصُرَنَّ اللّٰهُ مَنْ یَّنْصُرُهٗؕ- (پ۱۷،حج:۴۰)

 ترجموڪنزالايمان: ۽ بيشڪ الله ضرُور مدد فرمائِيندو اُن جي جيڪو اُن جي دِين جِي مدد ڪندو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو توهان! الله عَزَّوَجَلَّ جوارشادِ پاڪ آهي ته جيڪو ان جي دين جي مدد ڪندو، خُود باري تعاليٰ ان جي مدد فرمائيندو، حڪيمُ الاُمَّت حضرت مُفْتي احمديارخان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا: اَوْلِياءُ اللہ  جي مددڪرڻ، نبي جي خدمت، عِلمِ دِين ڦهلائڻ، سڀ الله جي دِين جي مدد آهي۔ (نو رالعرفان ص۵۳۷) اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي عِلمِ دِين ڦهلائڻ، گُناهن کان بچائڻ ۽