Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

سُنَّتن جو عامل بڻائڻ ۽ سچو عاشقِ رسول بڻائڻ واري تحريڪ آهي، ان ڪري هن جي مدد ڪرڻ به دِين جي مدد ڪرڻ ئي چيو ويندو. اسلام جي سر بلندي لاءِ صحابه ڪرام جو پنهنجو مال قُربان ڪرڻ جو جذبو صد ڪروڙ مرحبا! ياد رکو! مَوجُوده دَور ۾ دِيني ڪمن جي لاءِ چندو (مدني عَطيات) جمع ڪرڻ گهڻو ضروري آهي۔پياري آقا، ٻنهي عالَم جي داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ غيب نشان آهي: ’’آخري زماني ۾ دِين جو ڪم به دِرهم۽ دِينار سان ٿيندو۔

(المعجم الڪبير، ۲۰/۲۷۹،حديث:۶۶۰،ملخصاً)

اڄوڪي زماني ۾ جيڪي حالتون آهن، اهي ڪنهن کان لڪيل نه آهن جيئن ته دعوتِ اسلامي هڪ عالمگيرغير سياسي تحريڪ آهي، ان ڪري ان اَخراجات کي پُورو ڪرڻ جي لاءِ هڪ وڏي رقم دَرڪار هوندي آهي۔ ائين ته عام طور سمورو ئي سال دعوت ِ اسلامي جي مدني ڪمن جي لاءِ مدني عَطيات جمع ڪرڻ جو سلسلو رهندو آهي، پر خاص ڪري رَجَبُ المُرجَّب، شَعْبانُ الْمُعَظَّم ۽ رَمَضانُ الْمُبارَڪ ۾ ماڻهو بڪثرت صَدَقات ۽ عَطيات جي اَدائيگي جي طرف مائل هوندا آهن، ان ڪري انهن مهينن ۾ مدني عَطيات گڏ ڪرڻ جو بهترين موقعو هوندو آهي، اسان کي به ثواب حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن جي تَرقّي جي لاءِ پنهنجي گھر، رشتيدارن ۽ پاڙي وارن کي صدقي جا فضائل ٻڌائي خُوب خُوب مدني عطيات گڏ ڪرڻ گھرجن۔

ڪيترا خوش نصيب آهن اهي ماڻهو جن جا مدني عطيات ڪنهن مسجد يا ڪنهن مدرسي ۾ استعمال ٿيندا آهن۔ اتي ”اللہ “ جو ذڪر ٿيندو آهي، پنج ئي وقت رب جا ٻانها سجدو ڪندا آهن، فرض علم سکڻ جو سلسلو ٿيندو آهي، اهو انهن جي لاءِ ڪيترو بهترين صدقه جاريه آهي۔

اللہ  ڪريم اسان کي پنهنجي راھ ۾ دل کولي خرچ ڪرڻ، مسجدن ۽ مدرسن جي تعميرات ۾ حصو وٺڻ، دِيني ڪمن ۾ تعاون ڪرڻ جي توفيق