Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

مختلف گناهن۾مصروف رهڻ انهن جي معمولات۾شامل هو،گناهن جي ڪاراڻ ايتري قدر وڌي چڪي هئي جو ڪنهن جي سمجھائڻ جي باوجود به نه مڃيندو

 هو، هر هڪ جي ڳالھ هڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيندو هو، بُرن ماڻهن سان گڏ اُٿڻ ويهڻ جي ڪري اُن جو اخلاق ۽ ڪردار گھڻو خراب ٿي چڪو هو، ان جي زندگي ۾ مدني بهار ڪجھ هن طرح آئي ته هڪ ڏينهن دعوتِ اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول سان وابسته عاشقِ رسول اسلامي ڀاءُ سان ان جي ملاقات ٿي۔ ان هن جي گُناهن واري زندگي کي سنّتن سان پُربهار بڻائڻ جي لاءِ انفرادي ڪوشش ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي ترغيب ڏياري، اُن جي پُرخلوص ۽ محبت ڀري دعوت سبب هو انڪار نه ڪري سگھيو ۽ مدَني قافلي جي لاءِ تيار ٿي ويو ۽ جلد ئي عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلي جو مسافر بڻجي ويو،مدَني قافلي جي برڪت سان ان کي زندگي ۾پهرين ڀيرو پنج ئي نمازون پابندي سان پهرين صف ۾ پڙھڻ جي سعادت ملي، وڌيڪ سکڻ سيکارڻ جي مدَني حلقن ۾ طهارت، نماز ۽ ٻيا ضروري شرعي مسئلا سکڻ لاءِ مليا ۽ عاشقانِ رسول جي صحبت جي برڪت سان ان جي اخلاق ۽ ڪردار ۾ واضح تبديلي آئي، دل گناهن کان بيزار ۽ نيڪين جي ڏانهن مائل ٿي ويو، سنّتن تي عمل ڪرڻ جو ذهن بڻجي ويو، نمازن جي پابندي جو پڪو ارادو ڪيائين ۽ جلد ئي سبز عمامي شريف جو تاج سجائي ورتو۔

لُوٹنے      رحمتیں       قافلے       میں      چلو                      سیکھنے سُنتیں قافلے میں چلو

چاہو گر برکتیں قافلے میں چلو          پاؤ گے عظمتیں قافلے میں چلو چلو

ہوں گی حل مشکلیں قافلے میں چلو          ختم ہوں شامتیں قافلے میں چلو

الفتِ مصطفےٰ اور خوفِ خدا            چاہئے گر تمہیں قافلے میں چلو

قرض ہوگا ادا  آکے مانگو  دعا            پاؤ گے برکتیں قافلے میں چلو

دُکھ  کا دَرماں  ملے  آئیں  گے  دن  بھلے      ختم ہوں گردشیں  قافلے  میں  چلو