Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

ڪرامتِ خاتونِ جنت

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرت سيدتنا فاطمة الزهره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي شان ۽ عظمت جو هڪ پهلو هي به آهي ته اللہ  پاڪ سندن کي کوڙ ڪرامتن سان نوازيو هو۔ ۽ اها حقيقت آهي جيڪو اللہ  پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي راضي ڪرڻ ۾ پنهنجي زندگي گذاريندو آهي ته اللہ  پاڪ به پنهنجي فضل ۽ ڪرم سان ان کي طرح طرح جي نعمتن سان نوازيندو آهي۔

       اچو! خاتونِ جنت رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي هڪ نهايت ئي با ڪمال ڪرامت ٻڌون ٿا، جيئن

عظيمُ الشّان دعوت

      هڪ ڏينهن حضرتِ سيدُنا عثمانِ غنيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ حُضور نبي ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دعوت ڪئي۔ جڏهن ٻنهي جھانن جا ميزبان حضرتِ سيدُنا عثمان بن عفانرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ جي گھر تي رونق افروز ٿيا ته حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پويان هلندي قدم ڳڻڻ لڳا ۽ عرض ڪيائون: يارسولَ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قربان! منهنجي تمنا (Wish) آهي ته حُضور جي هڪ هڪ قدَم جي عِوَض ۾ اوهان جي تعظيم ۽ تڪريم جي لاءِ هڪ هڪ غلام آزاد ڪيان۔ پوءِ حضرتِ سيدُنا عثمانِ غنيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ جي گھر تائين جيتري قدَر حُضور جا قدَم اٿيا هئا حضرتِ سيدُنا عثمانِ غني ايتري ئي تعداد ۾ غلامن کي خريد ڪري آزاد ڪري ڇڏيو۔

          حضرتِ سيدُنا عليکرَّمَ اللّٰه تَعَالٰي وَجْهه الْکرِيم ان دعوت کان مُتَاثر ٿي ڪري حضرتِ سيدَه فَاطِمهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا کي چيائين: اي فاطمه! اڄ منهنجي دِيني ڀاءُ حضرتِ سيدُنا عثمان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ حُضورِاَڪرَمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نهايت ئي شاندار دعوت ڪئي آهي ۽ حُضورِ اَڪرَمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هرهر قدَم جي بدلي هڪ غلام آزاد ڪيو آهي، منهنجي به تمنا آهي ته ڪاش! اسان به حُضور