Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اهڙي طرح شاندار دعوت ڪري سگھون ها۔ حضرتِ سيدَتُنا فاطمهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا پنهنجي سرتاج حضرتِ سيدُنا علي المرتضٰيکرَّمَ اللّٰه تَعَالٰي وَجْهه الْکرِيم جي هن جذبي کان مُتَاثِر ٿي چيائون: تمام سٺو، وڃو، اوهان به حُضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي انهيء قسم جي دعوت ڏئي اچو! اسان جي گھر ۾ به انهيءَ قسم جو سمورو اِنتِظام ٿي ويندو، جيئن

          حضرتِ سيدُناعليکرَّمَ اللّٰه تَعَالٰي وَجْهه الْکرِيم بارگاھ رِسالت ۾ حاضِر ٿي دعوت ڏني ۽ شهنشاھِ دو عالَم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي صحابه ڪرام جي هڪ وڏي جماعت ساڻ ڪري پنهنجي پياري نياڻي جي گھر تشريف فرما ٿي ويا۔ حضرتِ سيدَه خاتونِ جنّت اڪيلائي ۾ وڃي خداوندِ قُدُّوس جي بارگاھ ۾ سربسجود (سجدي ۾ مٿو رکي) ٿي هي دعا گھري: يااللہ ! تنهنجي ٻانهيء فاطمه تنهنجي محبوب ۽ اَصحابِ محبوب جي دعوت ڪئي آهي، تنهنجي ٻانهيء جو صرف توتي ئي ڀروسو آهي، تنهنڪري اي منهنجا ربّ! تون اڄ منهنجي لڄ رک ۽ هن دعوت جي کاڌن جو تون عالَمِ غيب (يعني ٻيو جھان جيڪو لڪيل آهي) کان اِنتِظام ڪر۔ هي دُعا گھري حضرتِ سيدَتُنا بي بي فاطمهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا ديڳڙين (هنڊين) کي چُلھن تي چاڙهيو۔ اللہ  ڪريم جو دَرياءِ ڪرَم هڪ دم جوش ۾ اچي ويو ۽ (هڪدم) انهن ديڳڙين کي جنّت جي کاڌن کان ڀريو ويو۔ حضرتِ سيدَتُنا بي بي فاطمهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا انهن ديڳڙين مان کاڌو ڪڍڻ شروع ڪيو ۽ حُضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي صحابه ڪرام سان گڏ کائڻ مان فارِغ ٿي ويا، پر خدا جو شان جو ديڳڙين مان کاڌو ٿورو به گھٽ نه ٿيو ۽ صحابه ڪرام انهن کاڌن جي خوشبو ۽ لذّت سان حيران ٿي ويا۔ حُضورِ اَڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي حيران ڏسي فرمايائون: ڇا توهان کي خبر آهي ته اهو کاڌو ڪٿان آيو آهي؟ صحابَه ڪرام عرض ڪيو: نه يارَسُولَ اللہ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! پاڻ ارشاد فرمايائون: هي کاڌو اللہ  پاڪ اسان جي لاءِ جنّت مان اماڻيو آهي۔ پوءِ حضرتِ سيدَتُنا فاطمهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا اڪيلائي ۾ وڃي سجدو ڪيو ۽ هي دُعا گھرڻ