Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

لڳيون: يااللہ !حضرتِ عثمانرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ تنهنجي محبوب جي هڪ هڪ قدَم جي عِوَض هڪ هڪ غلام آزاد ڪيو آهي، پر تنهنجي ٻانهيء فاطمه کي ايتري اِستِطاعت نه آهي، اي خداوند ِعالَم! جتي تو منهنجي خاطِر جنّت مان کاڌو موڪلي منهنجي لڄ رکي آهي، اتي تون منهنجي خاطِر پنهنجي محبوب جي انهن قدَمن جي برابر جيترا قدَم کڻي منهنجي گھر تشريف فرما ٿيا آهن، پنهنجي محبوب جي اُمَّت جي گنهگار ٻانهن کي جهنّم مان آزاد فرمائي ڇڏ ۔

 حضرتِ سيدَتُنا فاطمهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جيئن ئي هن دعا مان فارِغ ٿيون هڪدم حضرتِ سيدُنا جبريل امين عَلَيه السَّلَام اها بِشارت کڻي بارگاھ رِسالت ۾ حاضر ٿيا ته يا رسولُ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ!حضرتِ فاطمه(رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا) جي دُعا بارگاھ الٰهي ۾ مقبول ٿي وئي،اللہ  ڪريم فرمايو آهي ته اسان اوهان جي هر قدَم جي بدلي ۾ هڪ هڪ هزار1000 گنهگارن کي جهنّم مان آزاد ڪيو آهي۔

 (جامِعُ الْمُعْجِزات،ص۲۵۷ملخصاً)

میرا نازُک بدن جہنم سے      از طُفیلِ رضا  بچا  یا رَبّ

طالبِ مغفرت ہوں یا اللہ       بخش حیدر کا واسطہ یا رَبّ

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! قربان وڃجي! امير المؤمنين حضرت سَيدُنا عثمانِ غنيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ ۽ خاص ڪري علي المرتضيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ ۽ فاطمة الزهره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي اندازِ محبت تي جو انهن خوش نصيب حضرات رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نرالي دعوت ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪئي۔ سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي سيرت تي رشڪ اچي ٿو ته سندن خواهش هئي ته رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اسان جي گھر به تشريف فرما ٿين ۽ اسان به دعوت ڪريون، اهو ئي جذبو هو جو گھر ۾ ڪجھ نه هئڻ جي باوجود به حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي دعوت ڪئي ۽ پوءِ اللہ  جي فضل و ڪرم سان سيده فاطمه جي ڪرامت ظاهر ٿي ۽ سندن دعا تي جنّتي کاڌا آيا ۽ حضور نبي ڪريمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي اُمّت جي گناهگارن کي جهنم مان آزادي نصيب ٿي۔ تنهنڪري اسان کي به