Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

گھرجي ته رِضاءِ اِلٰهي ۽ ثواب جي لاءِ، اِحترامِ مسلم جي نيت سان دِلجوئي جي لاءِ وقت بوقت پنهنجن رشتيدارن جي دعوت ڪريون، انهن جي ڏک تڪليف ۾ شريڪ ٿيون، انهن سان هميشه تعلق قائم رکون، ۽ ڪڏهن ڪڏهن پاڙيسرين کي به دعوت ڏيڻ جو ذهن بڻايون، ڪو سوالي اچي ته ان کي به پيار ۽ محبت سان کاڌو کارايون۔ جيئن ته خاتونِ جنت رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي سيرت ۾ اها جھلڪ به نظر ايندي آهي ته جيڪڏهن ڪيئي ڏينهن جي فاقن کان بعد گھر ۾ کاڌو اچي وڃي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا ان کاڌي ۾ پاڙيسرين کي به شامل ڪنديون هيون۔ اچو! پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي پاڙيسرين سان خير خواهي ڪرڻ، سندن جي ڪرامت جي ظاهر ٿيڻ تي مشتمل هڪ ٻيو واقعو ٻڌون ٿا، جيئن

برَڪت وارو ٿانو

           هڪ ڀيري ڏڪار واري زماني ۾ رحمتِ عالَمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بُک محسوس ڪئي ته بنتِ رسول اللہ  حضرتِ سيدَتُنا فاطمه بَتُولرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا ٿانوَ ۾ هڪ ٻوٽي ۽ ٻه مانيون اِيثارڪندي بارگاھ رسالت ۾ موڪلي ڏنيون۔ حضورصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن تحفي سميت حضرت فاطمه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا ڏانهن تشريف وٺي آيا ۽ فرمايائون: اي منهنجي نياڻي! هيڏانهن اچ۔ حضرتِ سيدَه فاطمهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جڏهن هن ٿانوءَ کي کوليو ته پاڻ هي ڏسي حيران ٿي ويون ته اهو ٿانوءَ مانين ۽ ٻوٽين سان ڀريل هو ۽ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا سمجھي ويون ته اهو کاڌو اللہ  پاڪ جي طرفان نازل ٿيو آهي۔ حُضورِ اڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ پاڻ کان پڇا ڪيائون : اَنّٰي لَکِ ھٰذَا؟ يعني توهان لاءِ اهو سڀ ڪٿان آيو؟ ته حضرتِ فاطمهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا عرض ڪيائون: هوَ مِنْ عِنْدِ اللّٰه اِنَّ اللّٰه يرْزُقُ مَنْ يشَاءُ بِغَيرِ حِسَابٍ۔ يعني اهو اللہ  وٽان آيو آهي، بيشڪ اللہ  جنهن کي چاهي بي حساب ڏي۔ سرڪار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: تمام ساراھ اللہ  پاڪ جي لاءِ جنهن توکي بني اسرائيل جي سردار (يعني حضرت مريم) جي مُشابه بڻايو۔ پوءِ حُضورِ اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن حضرتِ علي، حضراتِ حسن ۽ حسين ۽ ٻين اهلِ بيت رَضِي اللّٰه تَعَالٰى عَنْهم اَجْمَعِين کي گڏ