Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

ڪري سڀني سان گڏ (ٿانوَ مان) کاڌو تَناوُل فرمايائون ۽ سڀ سير ٿي ويا، پوءِ به کاڌو ساڳي مقدار ۾ باقي هو ۽ ان کي حضرتِ سيدَتُنا بي بي فاطمهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا پنهنجن پاڙي وارن کي کارايو۔ (تَفْسِيرِ رُوْحُ الْبَيان، پ۳، اٰلِ عِمْرٰن، تحت الاٰية۳۷، ج۲، ص ۲۹ )

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان ڪيل واقعي مان جتي شهزاديِ ڪونين حضرتِ سيدَتُنا فاطمة الزهرهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي عظيمُ الشّان ڪرامت ظاهر ٿي، اتي اهو به معلوم ٿيو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا پاڙيسرين جي تمام گھڻي خير خواهي ڪنديون هيون۔ پر اڄ اسان جي دلين مان پاڙي وارن جي خير خواهي جو جذبو ختم ٿيندو پيو وڃي، اسان پاڻ ته چڱو کائون پيئون ٿا، چڱو پايون ٿا پر افسوس اسان کي پاڙيسرين جي ڏک تڪليف، انهن جي حقن جي ادائيگي ۽ انهن جي بک ۽ اڃ جو ٿورڙو به احساس ناهي ٿيندو، جڏهن ته کوڙ حديث سڳورين ۾ پاڙيسرين جي حقن کي بيان ڪيو ويو آهي، جيئن ته

پاڙيسري جا حق

حضرت سَيدُنامعاويه بن حيده رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْه ارشادفرمائن ٿا: مون بارگاھ رسالت مآب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ عرض ڪيو: ياَرَسُولَ اللہ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ انسان تي پاڙي واري جا ڪهڙا حق آهن؟ ته رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايائون: جيڪڏهن هو بيمار ٿئي ته ان جي عيادت ڪيو، جيڪڏهن مري وڃي ته ان جي جنازي ۾ شرڪت ڪيو، جيڪڏهن قرض گھري ته ان کي قرض ڏيو ۽ جيڪڏهن هو عيب دار ٿي وڃي ته ان جي پرده پوشي ڪيو۔

 (المعجم الڪبير ،۱۹/۴۱۹،حديث: ۱۰۱۴)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! تنهنڪري اسان کي به گھرجي ته پاڙي وارن سان حُسنِ سُلُوڪ سان پيش اچون، جيڪڏهن انهن کي ڪا مصيبت پهچي ته انهن کي تسلي ڏيندي صبر جي تلقين ڪيون، جڏهن ان کي ڪا خوشي حاصل ٿئي ته انهن کي مبارڪ باد ڏيون، پاڙيسري جي ٻارن ۽ ملازمن سان نرمي ۽ ڀلائي سان گفتگو ڪندي حُسنِ اخلاق سان پيش اچون، پاڙيسرين جي غلطين تي انهن سان درگذر ڪيون، انهن جي گھر جي عورتن کي ڏسڻ کان پنهنجي