Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

نگاهن کي بچايون، اهي فرياد ڪن ته انهن جي مدد ڪيون۔

نعمتِ   اَخلاق  کر دیجے  عطا       یہ  کرم  یا مصطَفٰے  فرمایئے

خاتونِ جنت جي گھرو زندگي

       مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سيده خاتونِ جنت،فاطمة الزهرا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي شان ۽ عظمت جو هڪ پهلو هي به آهي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي شان ۾ تسبيحِ فاطمه مقرر ڪئي وئي، ڇو ته پاڻ گھرو ڪم ڪار پاڻ پنهنجن هٿن سان ڪنديون هيون ۽ ان ڪم ۾ ايندڙ مشڪلاتن ۽ تڪليفن تي صبر به ڪنديون هيون، سڄي زندگي ڪنهن خادمه کي نه رکيو۔ جيئن

اميرالمؤمنين حضرتِ سيدُنا علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ فرمائن ٿا: حضرتِ سيدتنا فاطمهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا مون وٽ پاڻ ئي جنڊ هلائينديون هيون، جنهن جي سبب هٿن ۾ ڇالا پئجي ويندا ها، مشڪيزي ۾ پاڻي به پاڻ ئي ڀرينديون هيو جنهن سبب سندن سيني تي نشان پئجي ويا هئا۔ گھر جي صفائي وغيره به پاڻ ئي ڪنديون هيون جنهن سبب ڪپڙا غبار آلود ٿي ويندا ها ۽ ديڳڙي جي هيٺ باھ به پاڻ ٻارينديون هيون جنهن سبب ڪپڙا ميرا ٿي ويندا ها۔ ڪڏهن ڪڏهن اڪيلي گھر جا تمام ڪم ڪار ڪرڻ جي ڪري انهن کي ڪافي تڪليف کي منهن ڏيڻو پوندو هو. (مسند للامام احمد بن حنبل، مسندعلي بن ابي طالب،۱ /۳۲۲، حديث:۱۳۱۲)

تسبيحِ فاطمه جي فضيلت

اميرالمؤمنين حضرتِ سيدُنا علي المرتضيٰ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري رحمت عالم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ غلام آيا، جڏهن اها خبر حضرتِ فاطمه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا کي ملي ته پاڻرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا بارگاھ رسالت ۾ خادمه (Maid servant) گھرڻ جي لاءِ حاضر ٿيون ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: ڇا مان توکي هن کان بهتر شيء نه ٻڌايان؟ فرمايائون: جڏهن سمهڻ جي لاءِ بستر تي وڃو ته 33 ڀيرا سُبْحَانَ اللّٰه، 33 ڀيرا اَلْحَمْدُلِلّٰه ۽ 34 ڀيرا اَللّٰه اَکبَر پڙھي وٺو۔ هي تنهنجي لاءِ خادمه کان بهتر آهي۔ (ڪتاب الدعاء للطبراني،باب القول عنداخذ المضاجع، حديث:۲۳۱، ص۹۴)