Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

ڪتاب”شانِ خاتونِ جنت“ جو تعارف

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حضرت سيدتنا فاطمةُ الزهرا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي سيرتِ مطهره جي باري ۾ وڌيڪ معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”شانِ خاتون جنت“ جو ضرور مطالعو فرمايو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ هن ڪتاب ۾ خاتونِ جنت جي شان ۽ عظمت، سندن ڪرامتون، عشقِ رسول، پردي سان محبت، سندن نڪاح ۽ ڏاج، ايثار ۽ سخاوت ۽ ٻيا به ايمان افروز مدني گل گڏ ڪيا ويا آهن۔ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي رِيڊ (يعني پڙھي) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ Download)) ۽ پرنٽ آؤٽ Print Out) ) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                         صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

مَجلِس مڪتبة المدينه

      مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! خاتونِ جنت جي شان ۽ عظمت کي وڌيڪ سمجھڻ ۽ سندن فيضان مان برڪتون ماڻڻ جي لاءِ دعوت ِاسلامي جي مدني ماحول سان هر دم وابسته رهو۔

      اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ ڪم وبيش 104 شُعبن ۾ نيڪي جي دعوت جون ڌُومون مچائڻ ۾ مَصروف آهي، جن مان هڪ شعبو مجلس مڪتبة المدينه به آهي. شيخِ طريقت، اميرِ اهلسُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جن دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جو آغاز ۱۴۰۶ھ بمطابق 1986ء ۾ فرمايو ۽ سڀ کان پهريان بيانن جون آڊيو ڪيسيٽون جاري ڪيون ويون. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ مڪتبة المدينه ان مختصر عرصي ۾ جيڪا ترقي ڪئي اها پنهنجو مثال پاڻ آهي، هن مُختَصَر عرصي ۾ مڪتبة المدينه تان جتي سُنّتن ڀريا بيان ۽ ميموري ڪارڊز سڄي دُنيا ۾ پهچي رهيا آهن، اتي سَرڪارِ اعليٰ حضرت
رَحْمَةُ اللّٰه ِتَعَالٰى عَلَيه ،اميرِ اَهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ۽ اَلْمَدِينَة الْعِلْمِية جا ڪتاب به ڇپجي لکن جي تعداد ۾ عوام جي هٿن ۾ پهچي سُنتن جا گُل مهڪائي رهيا آهن.