Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

اعتڪاف جي ترغيب :

اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عَزَّوَجَلَّ رَمَضانُ المُبارَڪ شروع ٿي چڪو آهي هن جي برڪتن جي ڇا ڳالھ ڪجي! هن مهيني ۾ عبادت ۽ تلاوت ۽ ذِڪر ودُرُود جي ڪثرت ڪري پنهنجي اعمال نامي ۾ گھڻيون نيڪيون لکائڻ جا موقعا وڌي ويندا آهن۔ جيئن ته هن مهيني ۾ نيڪيون وڌائڻ پاڻ کي گُناهن کان بچائڻ ۽ خوب خوب علم دين حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو آخري عشري جو اعتڪاف به آهي ۽ اعتڪاف جي فضيلت جو اندازو هن حديث پاڪ مان لڳايو ته امّ المومنين حضرت سيدتنا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا کان روايت آهي ته نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جوفرمانِ خوشبودار آهي:مَنِِ اعْتَکفَ اِيمانًا وَّاِحْتِسَابًا غُفِرَلَه مَاتَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِهٖ يعني جنهن شخص ايمان سان ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان اعتِڪاف ڪيو، ان جا اڳوڻا سمورا گُناھ بخشيا ويندا۔'' (جامع صغير ص۵۱۶الحديث۸۴۸۰)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اوهان به همت ڪيو، جيڪڏهن والدين، اهل و عيال جي حق تلفي نه ٿي ٿئي ته پوري رمضان جي مهيني جو اعتڪاف ڪيو۔ ان ۾ هزارين اسلامي ڀائر مُعتَڪف ٿي پنج وقته نماز باجماعت اَدا ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻي نفلي عبادات جي سعادت به حاصل ڪندا آهن، هن کان علاوه اعتڪاف ۾ وُضو، غسل ،نماز، روزي جا ۽ ٻيا شرعي مسئلا به سکاريا ويندا آهن مرحبا! شيخِ طريقت، اميرِاهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي طرف کان مدني مُذاڪرن جي صورت ۾ عصر جي نماز کان پوءِ ۽ تراويح کان پوءِ علم دين جا مدني گل ڏنا ويندا آهن، اللہ  اللہ  روزانو مناجاتِ افطار ۾ عاشقانِ رسول، عاشقانِ رمضان جي پر سوز دعائن ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو به ملندو آهي، جيڪڏهن پورو ئي رمضان مسجد ۾  گزاريو ته ڇا ئي ڳالهه آهي، جيڪڏهن ايئن نه ٿا ڪري سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ رمضان جي آخري ڏهي جي ترڪيب بڻايو۔

رحمتِ حق سے دامن تم آکر بھرو

مَدَنی ماحول میں کر لو تم اعتکاف