Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

سنتیں سیکھنے  کے لیے  آؤ  تم  مَدَنی  ماحول  میں  کر  لو  تم  اعتکاف

سيّد سڳورن جي تعظيم بابت مدني گل

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي اچو! سيد سڳورن جي تعظيم جي باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا۔ پهريان 2 فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو۔ (1) فرمايائون: جيڪو منهنجي اَهلِ بَيت مان ڪنهن سان به سٺو سُلوڪ ڪندو، مان قِيامت جي ڏينهن ان جو صِلو (بَدلو) ان کي عطا ڪندس۔ (جامع صغير، ص۵۳۳، حديث:۸۸۲۱) (2) فرمايائون: جيڪو شخص اَولادِ عَبدُ المُطَّلِب مان ڪنهن سان دُنيا ۾ نيڪي (ڀلائي) ڪري ان جو صِلو ڏيڻ مون تي لازِم آهي جڏهن اهو قِيامت جي ڏينهن مون سان ملندو۔ (تاريخ بغداد،۱۰/ ۱۰۲،حديث:۵۲۲۱) ٭ سيد سڳورن جي تعظيم فرض آهي ۽ اُنهن جي توهين حرام۔ (کفريه کلمات کے بارے ميں سوال جواب ،ص۲۷۷) ٭ سيد سڳورن جي تعظيم ۽ تڪريم جو اَصل سبب هي آهي ته هي حضرات رسُول ڪائنات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جسمِ اَطهر جو ٽڪر آهن۔ (سادات کرام کی عظمت، ص۷) ٭ سرڪارِ مدينهصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم وتوقير مان هي به آهي ته اهي تمام شيون جيڪي حضور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان نسبت رکن ٿيون انهن جي تعظيم ڪئي وڃي۔ ( اَلشِّفا، الباب الثالث في تعظيم امره،فصل ومن اِعظامهٖ...الخ،ص۵۲،الجزء ۲) (سادات کرام کی عظمت، ص۸) ٭ تعظيم جي لاءِ نه يقين دَرڪار آهي ۽ نه ئي ڪا خاص سند جي حاجت تنهنڪري جيڪي ماڻهو سيد سڏرائين ٿا انهن جي تعظيم ڪرڻ گھرجي۔ (سادات کرام کی عظمت ص۱۴) ٭ جيڪو واقعي ۾ سيد نه هجي ۽ ڄاڻي واڻي سيد بڻجندو هجي اهو ملعون (لعنت ڪيل) آهي، نه ان جو فرض قبول ٿئي نه نفل۔(سادات کرام کی عظمت، ص۱۶) ٭ جيڪڏهن ڪو بد مذهب سيد هئڻ جي دعويٰ ڪري ۽ ان جي بد مذهبي حدِّ ڪفر تائين پهچي چڪي هجي ته هرگز ان جي تعظيم نه ڪئي وڃي۔ (سادات کرام کی عظمت، ص۱۷) ٭ سيدن جي تعظيم حضور اقدس صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم آهي۔ (فتاويٰ رضويه،٢٢/ ٤٢٣، ماخوذا) (سادات کرام کی عظمت، ص۸) ٭ استاد به سيد کي مارڻ کان پرهيز ڪري۔ (کفريه کلمات کے بارے میں سوال جواب،ص۲۸۴) ٭ سيد سڳورن کي اهڙي ڪم