Khaton e Janat ki Shan o Azmat

Book Name:Khaton e Janat ki Shan o Azmat

فاطمة الزهرا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا انساني حور

          حضرتِ سَيِّدَتُنا خديجة الڪبريٰرَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا هڪ ڏينهن نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ جنّتي ميوو ڏسڻ جي خواهش ڪئي ته حضرتِ سيدُنا جبرائيلِ امين عَلَيه السَّلَام پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ جنت مان ٻه صوف کڻي حاضر ٿي ويا ۽ عرض ڪيو: اي محمد (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! اللہ  پاڪ فرمائي ٿو: هڪ صوف اوهان (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ) کائو ۽ ٻيو خَدِيجَه (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا ) کي کارايو پوءِ حقِ زوجيت ادا ڪريو، مان توهان ٻنهي مان فاطمة الزهرا کي پيدا ڪندس۔ پوءِ حضورِاڪرمصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن حضرتِ سيدُنا جبريلِ امين عَلَيه السَّلَام جي چوڻ جي مطابق عمل ڪيو۔ جڏهن غير مسلمن پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي چيو ته اسان کي چنڊ جا ٻه ٽڪر ڪري ڏيکاريو۔ انهن ڏينهن ۾ حضرتِ سيدَتُنا فاطمة الزهره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا پنهنجي والده محترمه حضرتِ سيدَتُنا خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي شڪمِ اطهر ۾ هيون۔ حضرتِ سيدَتُنا خديجة الڪبريٰ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا فرمايو: ان جي ڪيتري رُسوائي آهي جنهن اسان جي آقا محمد صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي نه مڃيو، جڏهن ته رسول اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڀ کان بهتر رسول ۽ نبي آهن۔ ته حضرت سيدَتُنا فاطمة الزهرا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا بطنِ اطهر مان آواز ڏنو: اي امان سائڻ! اوهان غمزده نه ٿيو ۽ نه ئي ڊڄو، بيشڪ اللہ  پاڪ منهنجي والد ِمحترم سان گڏ آهي۔ جڏهن حضرتِ سيدَتُنا فاطمة الزهره رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا جي ولادت ٿي ته سڄي فضا سندن چهري جي نور سان منور ٿي وئي۔

      نور جي پيڪر، تمام نبين جي سَروَر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي جڏهن جنت ۽ ان جي نعمتن جي سڪ لڳندي هئي ته حضرتِ سيدَتُنا فاطمه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰى عَنْهَا کي چمي ڏيندا هئا ۽ سندن پاڪيزه خوشبو کي سونگھيندا ها ۽ جڏهن سندن پاڪيزه مهڪ سُونگھيندا ها ته فرمائيندا ها: فَاطِمَة حَوْرَاءُ اِنسِية يعني فاطمه ته انساني حُور آهي۔ (الروض الفائق في المواعظ و الرقائق، ص۲۷۴ملخصاً)